YouVersion Logo
Search Icon

خروج 25

25
عبادت‌گاهہ لاءِ نذرانا
(خروج 35‏:4‏-9)
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي منهنجي لاءِ نذرانو آڻين. هر هڪ ماڻهو پنهنجي دل جي خوشيءَ سان جيڪو بہ نذرانو آڻي، سو تون منهنجي لاءِ هن کان وٺ. 3جيڪي شيون تون نذراني طور هنن کان وٺندين سي هي آهن: سون، چاندي ۽ پتل، 4آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ ڏاس، 5گھيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ، 6ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ لوبان لاءِ مصالحا، 7مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر. 8هو منهنجي لاءِ هڪڙو مقدس خيمو ٺاهين، جو آءٌ سندن وچ ۾ رهندس. 9انهيءَ خيمي ۽ ان جي ٻئي سامان جو جيڪو نمونو آءٌ تو کي ڏيکاريندس تنهن موجب اهي ٺاهجو.“
عهد واري صندوق
(خروج 37‏:1‏-9)
10”تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ، ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هجي. 11تون انهيءَ تي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهائج ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج. 12تون انهيءَ جي لاءِ سون جا چار ڪڙا پلٽي ٺهرائج ۽ اهي صندوق جي چئني پاون تي هڻائج. ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي هڻائج ۽ ٻہ ٻئي پاسي. 13تون ٻٻر جي ڪاٺ جون ٻہ ٻانهيون ٺهرائي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهائج. 14اهي ٻئي ٻانهيون صندوق جي ٻنهي پاسن تي انهن ڪڙن ۾ وجھائج، تہ جيئن صندوق کي کڻي سگھجي. 15اهي ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ ئي پيون هجن ۽ انهن مان اصل نہ ڪڍيون وڃن. 16عهد واريون ٻئي تختيون جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي تون انهيءَ صندوق ۾ رکج.
17 # عبر 9‏:5 تون نج سون مان صندوق جي ڍڪڻ لاءِ رحمت جو پوش ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي. 18تون رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي سون کي گھڙي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺهرائج. 19هڪڙو مجسمو هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو مجسمو ٻئي ڇيڙي تي ٺهرائج. تون رحمت جي پوش ۽ ان جي ٻنهي ڇيڙن وارن مجسمن کي هڪڙي ئي ٽڪري مان ٺهرائج. 20اهي مجسما اهڙيءَ طرح مٿي پر پکيڙي بيهن جو سندن پرن سان رحمت جو پوش ڍڪجي وڃي. ٻيئي مجسما هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي رحمت جي پوش ڏانهن ڏسندا هجن. 21تون عهد واريون ٻئي تختيون، جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي انهيءَ صندوق ۾ رکج ۽ رحمت جو اهو پوش صندوق جي مٿان رکج. 22اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“
نذراني جي روٽن لاءِ ميز
(خروج 37‏:10‏-16)
23”تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي ميز ٺهرائج، جنهن جي ڊيگھہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هجي. 24انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهائج ۽ ان جي چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج. 25ميز جي چوگرد چار آڱر اُڀي ڪناري ٺهرائج ۽ ڪناريءَ جي مٿان بہ چوڌاري سون جو ڇٽ ٺهرائج. 26انهيءَ جي لاءِ سون جا چار ڪڙا ٺهرائي، اهي ميز جي چئني پاون تي لڳرائج. 27اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجھو هجن، تہ جيئن ميز کي کڻڻ جي لاءِ ٻانهين وجھڻ جي جاءِ رهي. 28تون ٻٻر جي ڪاٺ مان ٻہ ٻانهيون ٺهرائي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهائج، جيئن انهن سان اها ميز کڻجي. 29تون ميز تي رکڻ لاءِ ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ ٺهرائج. اهي سڀ نج سون جا ٺهرائج. 30#لاو 24‏:5‏-8 انهيءَ ميز تي تون منهنجي حضور ۾ نذراني وارا روٽ هميشہ رکندو رهج.“
شمعدان
(خروج 37‏:17‏-24)
31”تون نج سون کي گھڙائي هڪڙو شمعدان ٺهرائج، جيڪو تري، شاخن، ڏياٽين، بونبن ۽ گلن سميت هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجي. 32شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هجن، ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ۽ ٽي ٻئي پاسي کان. 33انهن ڇهن ئي شاخن مان هر هڪ ۾ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا ٽي ٽي گل پنهنجي بونبن ۽ پتين سميت هجن. 34شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ ۾ چار باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هجن. 35انهن چئن گلن مان هڪ پهرين ٻن شاخن جي هيٺان هجي، ٻين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هجي ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هجي. 36اهڙيءَ طرح گلن ۽ شاخن سميت پورو شمعدان نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيل هجي.
37تون شمعدان جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺهرائج. اهي ڏيئا شمعدان تي اهڙيءَ طرح رکائج جو انهن جي روشني سامهون هجي. 38تون ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا نج سون مان ٺهرائج. 39شمعدان سموري سامان سميت چوٽيهہ ڪلوگرام نج سون جو هجي. 40#رس 7‏:44، عبر 8‏:5 ڌيان رکج، اهي سڀ شيون اهڙي ئي نموني ٺهرائج، جيڪو مون تو کي جبل تي ڏيکاريو آهي.“

Currently Selected:

خروج 25: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in