37
عهد واري صندوق ٺاهڻ
(خروج 25:10-22)
1بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ، ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي. 2هن انهيءَ کي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهيو ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ رکيائين. 3سون جا چار پلٽيل ڪڙا ٺاهي انهيءَ جي چئن ئي پاون تي هڻي ڇڏيائين، ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ڪڙا ٻئي پاسي. 4هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻہ ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين. 5اهي ٻانهيون صندوق جي کڻڻ لاءِ انهيءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪڙن ۾ وڌائين. 6هن صندوق کي ڍڪڻ لاءِ رحمت جو پوش نج سون جو ٺاهيو، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي. 7هن سون کي گھڙي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺاهيا. 8هڪڙو مجسمو هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو مجسمو ٻئي ڇيڙي تي هو. هن اهي ٻئي مجسما رحمت جي پوش واري ساڳئي ٽڪري مان بڻايا. 9انهن مجسمن جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا. سندن منهن هڪٻئي جي سامهون رحمت جي پوش ڏانهن هئا.
نذراني وارن روٽن لاءِ ميز
(خروج 25:23-30)
10پوءِ بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي. 11هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو ۽ انهيءَ جي چوڌاري سون جو ڇٽ ٺاهيائين. 12ميز جي چوڌاري چار آڱر اُڀي ڪناري بہ بڻايائين. انهيءَ ڪناريءَ مٿان بہ چئني پاسن تي سون جو ڇٽ بڻايائين. 13هن انهيءَ جي لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا ٺاهيا. اهي ڪڙا ميز جي چئن ئي پاون تي هڻي ڇڏيائين. 14اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجھو هئا، انهيءَ لاءِ تہ انهن ۾ ٻانهيون وجھي ميز کي کڻي سگھجي. 15هن ميز جي کڻڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين. 16هن ميز تي رکڻ لاءِ نج سون جا ٿانوَ ٺاهيا، يعني ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ.
شمعدان ٺاهڻ
(خروج 25:31-40)
17بصلايل نج سون کي گھڙي هڪڙو شمعدان بہ ٺاهيو، جيڪو تري، شاخن، ڏياٽين، بونبن ۽ گلن سميت نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان ٺاهيل هو. 18شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هيون، ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان. 19انهن ڇهن ئي شاخن مان هر هڪ ۾ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا ٽي ٽي گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هئا. 20شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ ۾ بہ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا چار گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هئا. 21انهن چئن گلن مان هڪ پهرين ٻن شاخن جي هيٺان هو، ٻين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هو ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هو. 22اهڙيءَ طرح سڀني شاخن ۽ گلن سميت اهو پورو شمعدان نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيل هو. 23هن انهيءَ جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺاهيا. انهن ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا پڻ نج سون جا ٺاهيائين. 24هن اهو شمعدان سموري سامان سميت چوٽيهہ ڪلوگرام نج سون مان ٺاهيو.
لوبان ساڙڻ لاءِ قربانگاهہ
(خروج 30:1-5)
25بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ بہ ٺاهي، اها چورس هئي ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هئي. انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي. انهيءَ جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا. 26هن انهيءَ قربانگاهہ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جيڪو انهيءَ جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هو. انهيءَ قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ ٺاهيائين. 27انهيءَ جي ڇٽ جي هيٺان ٻنهي پاسن تي هن سون جا ٻہ ڪڙا ٻانهين وجھڻ لاءِ ٺاهيا، انهيءَ لاءِ تہ قربانگاهہ کي کڻي سگھجي. 28هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين.
29 #
خر 30:22-38
هن مسح ڪرڻ وارو مخصوص تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان بہ ڪاريگر عطار جي هنر موجب ٺاهيو.