YouVersion Logo
Search Icon

خروج 38

38
ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ
(خروج 27‏:1‏-8)
1بصل‌ايل ساڙڻ وارين قربانين جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ مان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر، ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ميٽر هئي. 2هن انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ بڻايا. اهي سڱ ۽ قربان‌گاهہ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا. هن انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيو. 3هن قربان‌گاهہ جا سمورا ٿانوَ بہ ٺاهيا، يعني رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا. اهي سڀ ٿانوَ هن پتل مان ٺاهيا. 4هن قربان‌گاهہ جي لاءِ پتل جو هڪڙو ڄاريدار آتشدان ٺاهيو، جيڪو قربان‌گاهہ جي ڪنارن کان هيٺ اڌ تائين ٿي پهتو. 5هن پتل جي آتشدان جي چئن ئي ڪنڊن تي ٻانهيون وجھڻ جي لاءِ چار ڪڙا پلٽي ٺاهيا. 6ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيائين ۽ انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيائين. 7هن اهي ٻانهيون قربان‌گاهہ جي ٻنهي پاسن وارن انهن ڪڙن ۾ وڌيون، تہ جيئن قربان‌گاهہ کي کڻي سگھجي. هن اها قربان‌گاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺاهي.
8 # خر 30‏:18 جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو خدمت ڪنديون هيون، تن جي آئينن واري پتل مان هن پتل جو هڪڙو حوض ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جي گھوڙي ٺاهي.
مقدس خيمي جو اڱڻ
(خروج 27‏:9‏-19)
9پوءِ هن سنهي وٽيل سڻيءَ جي پردن سان اڱڻ جي قنات بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ اتر توڙي ڏکڻ واري پاسي کان چوئيتاليهہ ميٽر هئي. 10‏-11ٻنهي پاسن لاءِ ويهہ ويهہ پتل جا ٿنڀا ۽ ويهہ ويهہ ئي پتل جا پاوا هئا. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. 12اولهہ واري پاسي لاءِ ٻاويهہ ميٽر ڊگھي قنات هئي، جنهن لاءِ ڏهہ ٿنڀا ۽ ڏهہ پاوا هئا. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. 13اوڀر واري پاسي جي ڊيگھہ پڻ ٻاويهہ ميٽر هئي. 14‏-15انهيءَ طرف دروازو هو، جنهن جي ٻنهي پاسن واري قنات جي پردن جي ڊيگھہ ساڍا ڇهہ ڇهہ ميٽر هئي. انهن جي لاءِ ٽي ٽي ٿنڀا ۽ ٽي ٽي پاوا هئا. 16اڱڻ جي چوڌاري سڀيئي پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا. 17ٿنڀن جا پاوا پتل جا هئا ۽ ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. ٿنڀن جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو پٽ چاڙهيل هو. اڱڻ جي سڀني ٿنڀن کي چانديءَ جا بند پيل هئا. 18اڱڻ جي دروازي وارو پردو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا ۽ اهو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو. اهو نوَ ميٽر ڊگھو ۽ اڱڻ جي قنات وانگر ٻہ ميٽر اوچو هو. 19انهيءَ جا چار ٿنڀا ۽ انهن لاءِ پتل جا چار پاوا هئا. انهن جا ڪنڍا، بند ۽ چوٽيءَ وارو ڍڪ سڀ چانديءَ جا هئا. 20خيمي ۽ اڱڻ جي چوڌاري قناتن واريون سڀ ڪليون پتل جون هيون.
خيمي ۾ استعمال ٿيل ڌاتو
21مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ جو تفصيل ٺاهڻ لاءِ موسيٰ لاوين کي حڪم ڏنو ۽ اهو ڪم هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايتن هيٺ ڪيو ويو. 22يهوداہ جي قبيلي مان اوريءَ جي پٽ يعني حور جي پوٽي بصل‌ايل اهو سڀ ڪجھہ ٺاهيو جنهن بابت خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. 23دان جي قبيلي مان احيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن جو مددگار هو، جيڪو اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ ماهر نقاش هو. هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪندڙ هو.
24تفصيل مطابق اهو سمورو سون جيڪو مقدس خيمي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خداوند کي نذر ڪيو ويو هو، سو #38‏:24 عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام.عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ڪلوگرام هو. 25#خر 30‏:11‏-16 قوم طرفان شمار ڪيل سموري چاندي، عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق ٽي هزار، چار سؤ ويهہ ڪلوگرام هئي. 26#مت 17‏:24 ويهن سالن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد ڇهہ لک، ٽي هزار، پنج سؤ پنجاهہ هو. انهيءَ حساب سان عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هر هڪ ماڻهوءَ ڇهہ گرام چانديءَ جا ڏنا هئا. 27انهيءَ ٽي هزار چار سؤ ڪلوگرام چانديءَ مان مقدس خيمي ۽ وچ واري پردي جي ٿنڀن جا پاوا پلٽي ٺاهيا ويا. انهيءَ مان ڪل هڪ سؤ پاوا يعني هر هڪ پائو چوٽيهن ڪلوگرامن مان ٺاهيو ويو. 28باقي بچيل ويهہ ڪلوگرام چانديءَ مان ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند ٺاهيا ويا ۽ انهن جي چوٽين تي پٽ چاڙهيا ويا. 29نذراني ۾ ڏنل سمورو پتل ٻہ هزار، چار سؤ ويهہ ڪلوگرام ٿيو. 30انهيءَ مان خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي جي ٿنڀن جا پاوا، ساڙڻ وارين قربانين واري پتل جي قربان‌گاهہ، انهيءَ جي لاءِ پتل جو آتشدان ۽ قربان‌گاهہ جا سڀ ٿانوَ ٺاهيا ويا. 31ان کان سواءِ انهيءَ مان اڱڻ جي چوڌاري ٿنڀن وارا پاوا، اڱڻ جي دروازي جي ٿنڀن جا پاوا، خيمي جون سڀ ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون ٺاهيون ويون.

Currently Selected:

خروج 38: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in