YouVersion Logo
Search Icon

خروج 39

39
ڪاهنن لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهڻ
(خروج 28‏:1‏-14)
1پوءِ مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ وارن ڪاهنن لاءِ انهن ڪاريگرن آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن مان عمديون پوشاڪون ٺاهيون. هارون لاءِ بہ خاص پوشاڪ ٺاهيائون. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
2هنن آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان مذهبي فراڪ ٺاهيو. 3هنن سون کي ڪُٽي ڪُٽي سنها ورق بڻايا، جن کي ڪَٽي سنهيون تارون ٺاهيائون، انهيءَ لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ وڏي ڪاريگريءَ سان اُڻين. 4مذهبي فراڪ کي ڳنڍڻ لاءِ هنن ٻہ پٽيون بہ ٺاهيون، جيڪي انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون. 5مذهبي فراڪ تي ڪاريگريءَ سان اُڻيل هڪڙو ڪمربند ڳنڍيو ويو. اهو بہ ساڳئي ٽڪري ۽ ساڳيءَ ئي بناوت وارو هو، يعني اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون جو هو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
6هنن سليماني پٿر جا ٽڪرا گھڙي سون جي خانن ۾ جڙي ڇڏيا. انهن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪريا ويا، جيئن منڊي اُڪربي آهي. 7انهن کي مذهبي فراڪ جي ڪلهي وارين پٽين تي هنيائون، انهيءَ لاءِ تہ اهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي يادگيريءَ جا پٿر ٿين. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
سينابند ٺاهڻ
(خروج 28‏:15‏-30)
8هنن هڪڙو سينابند بہ ٺاهيو جيڪو مذهبي فراڪ وانگر آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون جو ٺهيل هو، جنهن تي ماهر ڪاريگر جو ڪم ٿيل هو. 9اهو سينابند هنن چورس ۽ ٻٽو بڻايو هو، جنهن جي ڊيگھہ هڪڙي گرانٺ ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هئي. 10هنن انهيءَ ۾ قيمتي هيرن جواهرن جون چار قطارون جڙيون: پهرينءَ قطار ۾ لعل، پکراج ۽ شب‌چراغ، 11ٻيءَ قطار ۾ زمرد، نيلم ۽ هيرو، 12ٽينءَ قطار ۾ سنبلي، عقيق ۽ ياقوت 13۽ چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد. اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا. 14اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هئا. جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهن ٻارهن ئي قبيلن جا نالا هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هئا.
15هنن سينابند تي ٻڌڻ لاءِ وٽيل رسيءَ جهڙيون نج سون جون ٻہ زنجيرون ٺاهيون. 16هنن سون جا ٻہ خانا ۽ ٻہ ڇلا ٺاهيا. اهي ڇلا سينابند جي ٻنهي مٿين ڇيڙن ۾ وڌائون. 17هنن اهي ٻہ سونيون زنجيرون، سينابند جي ٻنهي ڇيڙن تي لڳل ٻن ڇلن ۾ وڌيون. 18انهن زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻنهي خانن ۾ جڙي انهن کي مذهبي فراڪ جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي اڳئين پاسي کان لڳايائون. 19هنن سون جا ٻہ ڇلا ٻيا بہ ٺاهيا. اهي سينابند جي هيٺين ٻنهي پاسن تي انهيءَ ڪناري ۾ لڳايائون، جيڪو مذهبي فراڪ مٿان سينابند جي اندرئين پاسي ڏانهن هو. 20هنن سون جا ٻہ ڇلا ٻيا بہ ٺاهيا. اهي مذهبي فراڪ جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي اڳ واري پاسي تي لڳايائون، جتي اهي هيٺئين پاسي مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل هئا ۽ جتي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل هو. 21هنن سينابند ۽ مذهبي فراڪ ٻنهي جا ڇلا هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌي ڇڏيا، انهيءَ لاءِ تہ سينابند مذهبي فراڪ جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند جي مٿان رهي ۽ انهيءَ تان هٽي نہ وڃي. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
ڪاهنن واريون ٻيون پوشاڪون
(خروج 28‏:31‏-43)
22هنن مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو سڄو جبو آسماني رنگ جو بڻايو. 23انهيءَ جبي جي وچ تي مٿي وجھڻ لاءِ هڪ سوراخ ٺاهيائون. انهيءَ سوراخ جي چوڌاري گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هنيائون تہ جيئن اهو ڦاٽي نہ پوي. 24هنن انهيءَ جبي جي دامن تي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ سان ڏاڙهون ٺاهيا. 25نج سون جون گھنڊڻيون ٺاهي هنن اُهي جبي تي دامن جي چوڌاري، انهن ڏاڙهن جي وچ ۾ ٻڌي ڇڏيون. 26اهڙيءَ طرح عبادت وقت پهرڻ واري جبي جي دامن تي چوڌاري هڪڙي گھنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون، وري هڪڙي گھنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون هنيائون. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
27هنن هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا پهراڻ ٺاهيا. 28اهڙيءَ طرح پڳ ۽ ٽوپيون سنهي سڻيءَ مان ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان سٿڻون ٺاهيائون. 29هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي مان ڀرت جي ڪم سان هڪڙو پٽو ٺاهيو. سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
30هنن نج سون مان هڪڙي تختي ٺاهي ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪريائون ”خداوند جي لاءِ مخصوص.“ 31انهيءَ کي هنن هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان هارون ڪاهن جي پڳ جي مٿان ٻڌي ڇڏيو. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
سمورو ڪم پورو ٿيڻ
(خروج 35‏:10‏-19)
32اهڙيءَ طرح مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو. بني اسرائيل سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. 33پوءِ هنن اهو مقدس خيمو سموري سامان سميت موسيٰ وٽ آندو. سامان ۾ هي شيون شامل هيون: خيمي جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ انهن جا پاوا، 34گھٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو غلاف، ڊالفن دريائي جانور جي کلن جو غلاف ۽ مقدس ترين جاءِ جو پردو، 35عهد واري صندوق، انهيءَ جون ٻانهيون ۽ صندوق جو رحمت جو پوش، 36ميز، انهيءَ جا سمورا ٿانوَ ۽ نذراني وارا روٽ، 37پاڪ شمعدان، انهيءَ تي رکڻ لاءِ ڏيئا، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ ۽ ڏيئن ٻارڻ جو تيل، 38لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي وارو پردو، 39ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پتل جي قربان‌گاهہ، انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي، 40اڱڻ جي قنات، انهيءَ جا ٿنڀا پاون سميت، اڱڻ جي دروازي جو پردو، انهيءَ جا رسا، انهيءَ جون ڪليون ۽ مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪرڻ واسطي باقي سامان، 41مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن جي خاص پوشاڪ، سندس پٽن جون خاص پوشاڪون، جن کي پائي هو ڪاهن واري خدمت ڪن. 42مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن ئي بني اسرائيل سمورو ڪم پورو ڪيو. 43موسيٰ انهيءَ سموري ڪم کي پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ڏٺائين تہ هنن سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم مطابق ڪيو آهي، تڏهن کين دعا ڪيائين.

Currently Selected:

خروج 39: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in