YouVersion Logo
Search Icon

خروج 40

40
مقدس خيمي جو قيام
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو يعني مون سان ملاقات وارو خيمو کڙو ڪرائج. 3انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج. 4تون ميز مقدس جاءِ ۾ آڻائي، انهيءَ جون سموريون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکائج. شمعدان بہ اندر آڻائي رکج ۽ انهيءَ جا ڏيئا ٻارائي ڇڏج. 5عهد واري صندوق جي اڳيان پردي جي ٻئي پاسي مقدس جاءِ ۾ تون لوبان ساڙڻ لاءِ سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ رکائج ۽ مقدس جاءِ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج. 6مقدس خيمي جي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ رکائج. 7تون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ حوض رکائج ۽ انهيءَ ۾ پاڻي وجھائي ڇڏج. 8مقدس خيمي جي چوڌاري اڱڻ کي قنات لڳائي اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج.
9پوءِ تون مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي مقدس خيمي ۽ انهيءَ ۾ اندر موجود سڀني شين کي مسح ڪري مخصوص ڪج. اهڙيءَ طرح انهيءَ کي ۽ انهيءَ جي سموري سامان کي پاڪ ڪج، تڏهن اهو مخصوص ٿي ويندو. 10ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪج. پوءِ اها قربان‌گاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندي. 11تون حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي بہ مسح ڪج، تہ جيئن اهو مخصوص ٿئي.
12پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ آڻي، کين غسل ڪرائج. 13تون هارون کي خاص پوشاڪ ڍڪائج. کيس مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪري. 14تون هارون جي پٽن کي آڻي کين پهراڻ ڍڪائج. 15تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. سندن اهو مسح ٿيڻ هنن جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ڪاهنيءَ جي نشاني ٿيندي.“ 16سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
17سو مصر مان نڪري اچڻ جي ٻئي سال جي پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو کڙو ڪيو ويو. 18موسيٰ خيمي کي کڙو ڪرڻ لاءِ پاوا هنيا، جن تي انهيءَ جا فريم رکيائين، انهن کي گز هنيائين ۽ انهيءَ جا ٿنڀا کڙا ڪيائين. 19پوءِ انهيءَ کي قنات ۽ پال لڳايائين ۽ انهيءَ جي مٿان وري ڍڪ ۽ ٻہ غلاف چاڙهيائين. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
20پوءِ موسيٰ خداوند جي حڪم مطابق عهد واريون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون. هن ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ وڌيون ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين. 21پوءِ صندوق مقدس خيمي ۾ کڻائي آيو ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏيائين. 22هن اتي مقدس جاءِ ۾ اتر واري پاسي کان پردي جي ٻاهران خداوند جي حڪم مطابق ميز رکائي. 23انهيءَ تي نذراني وارا روٽ ترتيب سان خداوند آڏو رکايائين. 24پوءِ هن خدا سان ملاقات واري انهيءَ خيمي ۾ مقدس جاءِ اندر ڏکڻ واري پاسي، خداوند جي حڪم مطابق ميز جي سامهون شمعدان رکايو. 25هن اتي خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻارايا. 26هن سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ مقدس جاءِ ۾ پردي جي سامهون رکائي 27۽ خداوند جي حڪم مطابق انهيءَ تي خوشبودار مصالحن وارو لوبان ساڙيائين. 28پوءِ هن خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي تي پردو ٽنگايو.
29هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين.
30هن قربان‌گاهہ ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي جي وچ ۾ حوض رکايو ۽ انهيءَ ۾ ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڀرائي ڇڏيائين، 31تان‌تہ انهيءَ حوض مان موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽ پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن. 32جڏهن بہ اهي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندا هئا يا قربان‌گاهہ جي ويجھو ويندا هئا، تڏهن حوض مان پنهنجا هٿ پير ڌوئي ويندا هئا. 33پوءِ موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي چوڌاري اڱڻ جي قنات کڙي ڪرائي ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح موسيٰ هي سمورو ڪم ائين ئي پورو ڪيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
ڪڪر جو خيمي کي ڍڪڻ
(ڳاڻاٽو 9‏:15‏-23)
34 # 1.با 8‏:10‏-11، يس 6‏:4، حز 43‏:4‏-5، مڪا 15‏:8 تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو. 35موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي مٿان ڪڪر بيٺل هو ۽ اهو خداوند جي جلوي سان ڀريل هو. 36سو جڏهن بہ ڪڪر خيمي تان مٿي کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجي سفر ۾ اڳتي وڌندا هئا. 37پر جيستائين اهو ڪڪر مٿي کڄي نہ ويندو هو تيستائين اهي اڳتي سفر نہ ڪندا هئا. 38جڏهن تہ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي ڏسندي سندن سڄي سفر دوران، ڏينهن جي وقت خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو ۽ رات جي وقت ڪڪر ۾ باهہ رهندي هئي.

Currently Selected:

خروج 40: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in