YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو ‮تعارف‬

تعارف
هن مقدس ڪتاب جو نالو ”لاوي سرشتو“ انهيءَ لاءِ رکيو ويو آهي، جو هن ۾ بني اسرائيل جي خاص چونڊيل لاوي قبيلي جي نظام بابت ڄاڻ ڏنل آهي. ان قبيلي کي خدا عبادت‌گاهہ جي ڪم‌ڪار لاءِ چونڊيو هو. هي ڪتاب عبادت جي انهن قاعدن ۽ مذهبي رسمن تي مشتمل آهي، جيڪي آڳاٽي بني اسرائيل قوم ۾ مروج هيون. هن ڪتاب ۾ عبادت‌گاهہ جي خدمتگار ڪاهنن لاءِ بہ قاعدا موجود آهن، جيڪي انهن هدايتن تي عمل ڪرڻ جا پابند هئا.
هن ڪتاب جو اهم موضوع خدا جي پاڪائي آهي. هي ڪتاب هدايتن جي انهن طريقن تي مشتمل آهي جن مطابق بني اسرائيل کي عبادت ڪرڻي هئي ۽ زندگي گذارڻي هئي، انهيءَ لاءِ تہ خدا، جيڪو پاڪ آهي تنهن سان سندن تعلق قائم رهي سگھي.
19‏:18 ۾ هن ڪتاب جا مشهور لفظ لکيل آهن تہ ”اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪجو.“ انهن لفظن کي عيسيٰ مسيح خدا جو ٻيو وڏو حڪم سڏيو آهي (ڏسو متي 22‏:39).
سِٽاءُ
نذرانن ۽ قربانين بابت قاعدا قانون 1‏:1‏–7‏:38
حضرت هارون ۽ سندس پٽن جي ڪاهنن طور مخصوصيت 8‏:1‏–10‏:20
شرعي پاڪائي ۽ ناپاڪيءَ بابت قاعدا 1‏:11‏–15‏:33
ڪفاري جو ڏينهن 16‏:1‏-34
پاڪيزگيءَ واري زندگيءَ ۽ عبادت متعلق قاعدا قانون 17‏:1‏–27‏:34

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in