YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 1

1
ساڙڻ واري قرباني
1 خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي مان موسيٰ کي سڏي 2کيس بني اسرائيل لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهان مان جيڪو بہ ماڻهو مون خداوند جي لاءِ قرباني ڪري تہ اهو ڍورن ڍڳن يا رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪري.
3جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي. 4هو پنهنجو هٿ انهيءَ ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿي تي رکي، تڏهن اها سندس لاءِ ڪفاري طور قبول ڪئي ويندي. 5پوءِ هو انهيءَ وهڙي کي اتي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. هارون جا پٽ جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو رت کڻي انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي، جيڪا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ در وٽ آهي. 6ان بعد قرباني ڪندڙ انهيءَ ساڙڻ واري قربانيءَ جي کل لاهي ۽ انهيءَ جا عضوا وڍي ڌار ڪري. 7پوءِ ڪاهن قربان‌گاهہ تي باهہ ٻاري ۽ انهيءَ باهہ جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکي. 8هو منڍي ۽ چرٻي ڌار ڪيل عضون سميت قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان ٺاهي رکي. 9پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.
10جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن يا ٻڪرين جي ڌڻ مان ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ڪو جانور پيش ڪري ٿو تہ اهو نر ۽ بي‌عيب هجي. 11انهيءَ کي هو قربان‌گاهہ جي اتر واري پاسي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي. 12پوءِ قرباني ڪندڙ انهيءَ جا عضوا وڍي ڌار ڪري. ڪاهن انهن کي منڍيءَ ۽ چرٻيءَ سميت قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان ٺاهي رکي. 13ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.
14جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند لاءِ ساڙڻ جي قرباني پکين مان ڪري، تہ هو ڳيري يا ڪبوتر جي قرباني پيش ڪري. 15ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي آڻي، انهيءَ جي سسي مروٽي ڇني ڌار ڪري اها قربان‌گاهہ تي ساڙي. پوءِ انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي پاسي تي وهائي ڇڏي. 16انهيءَ جي گجي گند سميت ڪڍي، قربان‌گاهہ جي اوڀر پاسي رک واريءَ جاءِ تي اڇلائي ڇڏي. 17انهيءَ کي ٻنهي پرن کان وٺي چيري کوليو وڃي، پر کيس ڇني ڌار نہ ڪجي. پوءِ ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 1: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for لاوي سرشتو 1