2
اناج جون قربانيون
1”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو اناج جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جي قرباني ميدي جي صورت ۾ هئڻ گھرجي. هو انهيءَ تي تيل پئٽي ۽ مٿس لوبان رکي. 2پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي. 3انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.
4جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنور ۾ پڪل اناج جي قرباني پيش ڪري تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جون بيخميريون مانيون هجن يا تيل مکيل بيخميرا ڍوڍا هجن. 5جيڪڏهن اها اناج جي قرباني تئي تي پڪل هجي تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي بيخميري مانيءَ جي هجي. 6هو انهيءَ کي ڀورا ڀورا ڪري مٿس تيل پئٽي، تہ جيئن اها اناج جي قرباني صحيح طرح سان پيش ٿئي. 7جيڪڏهن اناج جي قرباني تئيءَ ۾ تريل هجي تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي هجي. 8انهن شين مان ٺهيل اناج جي قرباني، هو مون خداوند جي آڏو آڻي ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن اها قربانگاهہ وٽ کڻي اچي. 9پوءِ ڪاهن انهيءَ سڄي اناج جي قربانيءَ مان ڪجھہ حصو کڻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي. 10انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي سو ڪاهنن جو ٿيندو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص حصو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو منهنجي لاءِ ئي ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي.
11جيڪا بہ اناج جي قرباني مون خداوند جي آڏو پيش ڪئي وڃي، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي. مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ ۾ ڪڏهن بہ خمير يا ماکي نہ ملائجي. 12پهرئين پيداوار مان اهڙيون قربانيون ڀلي مون خداوند جي آڏو پيش ڪجن، مگر اهي قربانگاهہ تي رکي ساڙيون نہ وڃن. 13جيڪا بہ اناج جي قرباني پيش ڪريو، تنهن ۾ لوڻ ضرور وجھجو، بلڪ اوهين پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪجو، ڇاڪاڻ تہ #2:13 لوڻ... عهد لوڻ انهيءَ معاشري ۾ هڪ اهڙي نشان جي حيثيت رکندو هو، جنهن مان مراد اڻٽٽ، دائمي يا قائم رهندڙ ورتي ويندي هئي.لوڻ اوهان جي ۽ مون خداوند جي وچ واري عهد کي ظاهر ڪري ٿو.
14باقي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پهرئين پيداوار مان اناج جي قرباني، مون خداوند جي آڏو پيش ڪري، تہ پنهنجي اناج جا تازا سنگ باهہ تي ڀُڃي، انهن کي مروٽي داڻا ڪڍي پيش ڪري. 15هو انهيءَ تي تيل پئٽي مٿس لوبان رکي. تہ جيئن اها اناج جي قرباني صحيح طرح سان پيش ٿئي. 16پوءِ ڪاهن انهيءَ سڄي قربانيءَ مان مروٽي ڪڍيل ڪجھہ داڻا، ڪجھہ تيل ۽ سمورو لوبان ڪڍي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.“