3
سلامتيءَ واريون قربانيون
1”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو پنهنجي ڍورن ڍڳن مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو ڍور نر هجي توڙي مادي، پر بيعيب هجي. 2هو قربانيءَ واري جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي. 3هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن، 4ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت. 5ڪاهن انهن کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، #3:5 ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان جيئن تہ انهن روزانہ ساڙڻ وارين قربانين کان علاوہ ماڻهو پنهنجا جيڪي ٻيا نذرانا يا قربانيون آڻيندا هئا، سي قربانگاهہ تي روزانہ قربانين جي مٿان رکي ساڙيندا هئا، تہ جيئن قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي (ڏسو خروج 29:38، لاوي سرشتو 6:13).ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.
6جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن ٻڪرين مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو نر هجي توڙي مادي، پر بيعيب هجي. 7جيڪڏهن سندس قرباني گھيٽي جي هجي تہ هو اهو مون خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري. 8هو قربانيءَ واري انهيءَ جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي. 9هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: انهيءَ جي چرٻي، سڄي دنب پٺ جي هڏي تائين جدا ڪيل، آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن، 10ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي، جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت. 11ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا مون خداوند جي لاءِ ساڙبي آهي.
12جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قربانيءَ لاءِ ٻاڪرو ڍور آڻي تہ اهو مون خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري. 13هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي. 14هو پنهنجي انهيءَ قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن، 15ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت. 16ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. هي انهيءَ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ آهي جيڪا وڻندڙ خوشبوءِ لاءِ ڪبي آهي. سموري چرٻي مون خداوند جي آهي. 17سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“