4
بناارادي گناهن لاءِ قربانيون
(ڳاڻاٽو 15:22-29)
1 خداوند موسيٰ کي 2بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن. 3جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بيعيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري. 4هو انهيءَ وهڙي کي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي آڏو آڻي، پوءِ پنهنجو هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکي ۽ انهيءَ کي اتي ذبح ڪري. 5پوءِ اهو سردار ڪاهن انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي مقدس جاءِ ۾ اچي. 6هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي حضور ۾ مقدس ترين جاءِ واري پردي جي اڳيان ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري. 7پوءِ اتي هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي خوشبودار لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ، جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي، تنهن جي سڱن تي لڳائي. وهڙي جو باقي سمورو رت هو خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 8هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي جي هيءَ سموري چرٻي ڪڍي وٺي: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اُهي ڍڪيل آهن، 9ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت. 10سردار ڪاهن اها اهڙيءَ طرح ڪڍي جهڙيءَ طرح سلامتيءَ جي قربانيءَ واري ڳائي ڍور جي ڪڍبي آهي. پوءِ هو انهن کي ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 11پر وهڙي جي کل، انهيءَ جو سمورو گوشت، منڍي، پاوا، آنڊا ۽ اوجھري اوجھہ سميت، 12مطلب تہ وهڙي جو باقي سڀ ڪجھہ خيميگاهہ کان ٻاهر انهيءَ پاڪ جاءِ تي آندو وڃي، جتي رک اڇلائبي آهي. اتي انهيءَ کي ٻرندڙ ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏجي.
13جيڪڏهن بني اسرائيل قوم بناارادي ڪو گناهہ ڪري وجھي، جيتوڻيڪ اها ڳالهہ سندن نظر کان لڪل هجي تہ هنن هڪڙو اهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تڏهن بہ اهي ڏوهاري قرار ڏنا ويندا. 14پوءِ جڏهن کين پنهنجي ڪيل گناهہ بابت معلوم ٿي وڃي، تڏهن سڄي قوم پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو آڻي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پيش ڪري. 15قوم جا اڳواڻ مون خداوند جي آڏو انهيءَ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن ۽ پوءِ اهو اتي ئي ذبح ڪيو وڃي. 16تنهن کان پوءِ سردار ڪاهن انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي مقدس جاءِ ۾ اچي. 17هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي آڏو مقدس ترين جاءِ واري پردي جي سامهون ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري. 18پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي اتي رکيل لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي. باقي رت ٻاهر خيمي جي اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 19پوءِ هو انهيءَ وهڙي جي سموري چرٻي ڪڍي، انهيءَ کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 20هو هن وهڙي سان بہ ائين ئي ڪري جيئن پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح هو ماڻهن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ انهن کي معافي ملندي. 21پوءِ انهيءَ ذبح ڪيل وهڙي کي خيميگاهہ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ اتي هو ان کي اهڙيءَ طرح ئي ساڙي جهڙيءَ طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو ويندو آهي. اهڙي ئي طريقي سان قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي اها قرباني پيش ڪئي وڃي.
22جيڪڏهن ڪو اڳواڻ بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري قرار ڌنو ويو هجي جنهن جي مون خداوند سندس خدا منع ڪئي آهي، 23پوءِ جڏهن کيس پنهنجو ڪيل گناهہ معلوم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو بيعيب ٻڪر آڻي. 24#لاو 1:11 هو انهيءَ ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ قربانگاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور مون خداوند جي آڏو ذبح ڪبا آهن، اتي انهيءَ کي ذبح ڪري. 25ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 26هو انهيءَ جي سموري چرٻي سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي. اهڙيءَ طرح ڪاهن انهيءَ اڳواڻ جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
27جيڪڏهن قوم مان ڪو ٻيو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري بڻجي وڃي جنهن جي مون خداوند منع ڪئي آهي، 28پوءِ جڏهن کيس پنهنجو ڪيل گناهہ معلوم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي قربانيءَ واسطي هڪڙي بيعيب ٻڪري آڻي پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري. 29هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪريءَ کي قربانگاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور ذبح ڪبا آهن، اتي ذبح ڪري. 30ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 31پوءِ هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي تہ مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
32جيڪڏهن هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ رڍ پيش ڪري تہ اها بہ بيعيب هجي. 33هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ رڍ کي قربانگاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور ذبح ڪبا آهن، اتي ذبح ڪري. 34ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجي آڱر سان کڻي ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 35هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربانگاهہ تي انهن #4:35 قربانين جي مٿان رکي ساڙي ڏسو لاوي سرشتو 3:5 جي صفحي هيٺ ڏنل سمجھاڻي.قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“