YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 5

5
قرباني ڏيڻ جا ڪارڻ
1”جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو گناهہ ڪري ٿو جو جڏهن شاهدي ڏيڻ وقت کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجائين سو نہ ٻڌائي تہ انهيءَ جو ڏوهہ مٿس پوندو. 2يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ جھنگلي جانور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو يا وري ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو، تڏهن بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو. 3يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو. 4يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ قسم کڻي ٿو وجھي، جنهن ڳالهہ جي کيس خبر نہ ٿي رهي، تہ پوءِ جڏهن کيس اها معلوم ٿئي تڏهن هو اهڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو. 5انهن ڳالهين مان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن کيس پنهنجي ڏوهاري هجڻ جي خبر پوي تڏهن قبول ڪري تہ ’فلاڻي ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي.‘ 6پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.
7پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ. 8هو اهي ٻئي ڪاهن وٽ کڻي اچي. ڪاهن پهريائين انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. هو انهيءَ جي منڍي ڳچيءَ کان مروٽي، پر ڇني ڌار نہ ڪري. 9هو انهيءَ جي رت مان ڪجھہ قربان‌گاهہ جي پاسي تي ڇٽڪاري ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 10پوءِ ٻئي پکيءَ کي هو قاعدي موجب ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن سندس ڪيل گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
11 # لاو 2‏:1 پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني. 12هو اهو ميدو ڪاهن وٽ کڻي اچي ۽ ڪاهن انهيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي ۽ قربان‌گاهہ تي انهن #5‏:12 قربانين جي مٿان رکي ساڙي ڏسو لاوي سرشتو 3‏:5 جي صفحي هيٺ ڏنل سمجھاڻي.قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. 13اهڙيءَ طرح انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن لاءِ ڪاهن سندس خاطر ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. باقي جيڪي ڪجھہ بچي سو اناج جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.“
قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون
14 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 15”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت #5‏:15 عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام.عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي. 16انهيءَ مخصوص شيءِ نہ ڏيڻ جو جيڪو قصور ڪيو هجائين تنهن جو عيوض ڀري ڏئي. انهيءَ ۾ پنجون حصو ٻيو وڌائي اهو سڀ ڪاهن کي ڏئي. ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو اهو گھٽو هن لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
17جيڪڏهن ڪو ماڻهو قصور ڪري ڪو اهڙو ڪم ڪري وجھي جنهن لاءِ مون خداوند منع ڪئي آهي، پوءِ جيتوڻيڪ انهيءَ جي خبر نہ بہ هجيس تہ بہ هو ڏوهاري آهي ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو. 18تنهنڪري هو هڪڙو بي‌عيب گھٽو، اوتري ئي قيمت جو جيتري مقرر ڪرڻ گھرجي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ آڻي. ڪاهن سندس بناارادي ڪيل قصور لاءِ سندس واسطي ڪفارو ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. 19اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو ڏوهاري آهي.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 5: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in