YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 18

18
ابراهيم کي پٽ ڏيڻ جو واعدو
1پوءِ خداوند ابراهيم کي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن وٽ ڏيکاري ڏني، جتي ابراهيم پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ٽاڪ منجھند جو ويٺو هو. 2#عبر 13‏:2 اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين 3۽ چيائين تہ ”سائين، جيڪڏهن مهربانيءَ جي نظر ڪئي اٿوَ تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليا نہ وڃجو. جيئن تہ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو سو مون کي خدمت ڪرڻ ڏيو. 4آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجو هٿ منهن ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو. 5آءٌ مانيءَ ٽڪر بہ کڻي ٿو اچان، سو کائي تازا توانا ٿيو ۽ پوءِ ڀلي هليا وڃجو. منهنجي گھر اچي اوهان مون کي عزت بخشي آهي، سو مون کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو.“ انهن وراڻيو تہ ”چڱو، جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر.“
6 ابراهيم تڪڙو تڪڙو پنهنجي تنبوءَ ۾ ويو ۽ سارہ کي چيائين تہ ”جلدي ڪر ۽ ٽي ماپا سٺو اٽو کڻي، ان کي ڳوهي مانيون پچائي وٺ.“ 7پوءِ هو پاڻ ڊوڙي ڌڻ ڏانهن ويو ۽ اتان هڪڙو ٿلهو متارو گابو ڪاهي آڻي نوڪر کي ڏنائين، جنهن انهيءَ کي ذبح ڪري جلدي پچائي ورتو. 8پوءِ ڌونرو، کير ۽ گابي جو پڪل گوشت آڻي هنن جي اڳيان رکيائين. هو پاڻ وڻ هيٺ سندن پاسي ۾ بيٺو رهيو، جڏهن تہ هنن ويٺي کاڌو.
9پوءِ هنن ابراهيم کان پڇيو تہ ”تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟“ هن جواب ڏنن تہ ”اها تنبوءَ ۾ آهي.“ 10#رو 9‏:9 انهن مان هڪڙي چيو تہ ”آءٌ ايندڙ سال هنن ڏينهن ۾ ضرور تو وٽ موٽي ايندس، تڏهن تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“ سارہ هن جي پٺيان تنبوءَ جي در وٽ اها ڳالهہ ٻڌي ورتي. 11جيئن تہ ابراهيم ۽ سارہ تمام ٻڍا هئا ۽ سارہ کي ماهواري اچڻ بند ٿي ويئي هئي، 12#1.پط 3‏:6 سو سارہ دل ۾ کلي چيو تہ ”هاڻي تہ آءٌ ٻڍي ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو مڙس بہ ٻڍو آهي. ڇا مون کي تہ بہ اها خوشي حاصل ٿي سگھي ٿي؟“
13پوءِ خداوند ابراهيم کان پڇيو تہ ”سارہ ڇو کلي ائين چيو تہ ’ڇا واقعي مون کي پٽ ڄمندو، جڏهن تہ آءٌ هيتري ٻڍي آهيان؟‘ 14#لو 1‏:37 مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“ 15جيئن تہ سارہ ڊڄي ويئي هئي تنهنڪري هن انڪار ڪري چيو تہ ”آءٌ ڪونہ کلي آهيان.“ پر هن چيس تہ ”نہ، تون برابر کلي آهين.“
سدوم لاءِ ابراهيم جي شفاعت
16پوءِ اهي ماڻهو اتان روانا ٿيا ۽ هيٺ سدوم ڏانهن نهاري ڏٺائون. ابراهيم انهن کي اُماڻڻ لاءِ رستي تائين انهن سان گڏجي هليو. 17‏-18خداوند ابراهيم بابت چيو تہ ”جيئن تہ ابراهيم جو اولاد هڪ وڏي ۽ طاقتور قوم ٿيندو ۽ دنيا جي سڀني قومن کي انهن جي وسيلي برڪت ملندي، تہ پوءِ آءٌ جيڪي ڪجھہ سدوم سان ڪرڻ وارو آهيان ڇا اهو انهيءَ کان لڪايان؟ 19نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“ 20پوءِ خداوند ابراهيم کي چيو تہ ”سدوم ۽ عموراہ جي گناهن جي دانهن وڌي ويئي آهي جيڪا تمام وڏن گناهن جي باري ۾ آهي. 21تنهنڪري آءٌ اوڏانهن وڃي معلوم ڪندس تہ جيڪا دانهن مون ٻڌي آهي سا صحيح آهي يا نہ.“
22پوءِ انهن مان ٻہ ماڻهو اتان روانا ٿي سدوم ڏانهن ويا. پر خداوند ابراهيم سان گڏ ئي بيٺو رهيو. 23ابراهيم خداوند جي ويجھو آيو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون واقعي سچارن کي بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين؟ 24جيڪڏهن انهيءَ شهر ۾ پنجاهہ سچار ماڻهو هجن تہ پوءِ بہ تون سڄو شهر برباد ڪندين؟ ڇا انهن پنجاهہ سچارن جي ڪري تون انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندين؟ 25پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“ 26خداوند جواب ڏنس تہ ”جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ سچار ملندا تہ انهن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس.“
27 ابراهيم وري ڳالهايو ۽ چيائين تہ ”اي مالڪ! مون کي تو سان همت ڪري ڳالهائڻ جي معافي ملي. آءٌ تہ رڳو مٽي ۽ رک آهيان. 28ٿي سگھي ٿو تہ شهر ۾ پنجيتاليهہ سچار هجن، تہ ڇا پوءِ بہ تون پنجن ڄڻن جي گھٽ هئڻ ڪري سڄو شهر برباد ڪندين؟“ خداوند جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن مون اتي پنجيتاليهہ سچار ڏٺا تہ آءٌ شهر کي تباهہ نہ ڪندس.“ 29ابراهيم وري بہ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ”شايد چاليهہ هجن.“ تڏهن هن وراڻيو تہ ”جيڪڏهن چاليهہ هوندا تہ بہ آءٌ شهر کي برباد نہ ڪندس.“ 30ابراهيم چيو تہ ”اي مالڪ! جيڪڏهن تون ڪاوڙ نہ ڪرين تہ آءٌ چوان تہ جي اتي ٽيهہ ڄڻا ملن؟“ هن چيو تہ ”جيڪڏهن ٽيهہ ڄڻا ڏسندس تہ بہ ائين نہ ڪندس.“ 31ابراهيم چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي تو سان همت ڪري ڳالهائڻ جي معافي ملي، اُتي جيڪڏهن رڳو ويهہ ڄڻا هجن تہ؟“ هن چيو تہ ”جيڪڏهن ويهہ هوندا تہ بہ آءٌ ائين نہ ڪندس.“ 32ابراهيم چيو تہ ”اي مالڪ! جيڪڏهن ڪاوڙجين نہ تہ آءٌ هڪڙو ڀيرو وري بہ ڳالهايان. شايد اتي رڳو ڏهہ لڀن؟“ هن چيو تہ ”آءٌ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس جيڪڏهن اتي ڏهہ ڄڻا ئي لڀن.“ 33پوءِ جڏهن خداوند ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اتان هليو ويو ۽ ابراهيم گھر موٽي آيو.

Currently Selected:

پيدائش 18: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in