YouVersion Logo
Search Icon

يونس 1

1
يونس جي نافرماني
1 # 2.با 14‏:25 هڪڙي ڏينهن يونس بن اَمتيءَ کي خداوند فرمايو تہ 2”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ اُتان جي ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ مون کي خبر آهي تہ اوهين بدڪار ٿي ويا آهيو.“ 3پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.
4پر خداوند سمنڊ تي وڏي زور سان هڪ واءُ موڪليو ۽ ايترو تہ طوفان آيو جو سامونڊي جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو. 5تڏهن ملاح ڊڄي ويا ۽ پنهنجي پنهنجي معبود کي پڪارڻ لڳا. ان سان گڏ هو جهاز ۾ رکيل سامان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لڳا تہ جيئن جهاز هلڪو ٿئي. پر يونس ان کان اڳ ئي جهاز جي هيٺئين ڀاڱي ۾ لهي ويو هو، جتي هو گھاٽيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو. 6ڪپتان يونس وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”تون ڇو ننڊ پيو آهين؟ اُٿي پنهنجي معبود کي پڪار تہ من انهيءَ کي اسان جو ڪو خيال پوي ۽ اسين برباد ٿيڻ کان بچي پئون.“
7 # مت 12‏:40 انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو. 8تنهن تي هنن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي؟ تون ڇا ڪندو آهين؟ تون ڪٿان آيو آهين؟ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟ تون ڪهڙيءَ قوم مان آهين؟“ 9يونس کين وراڻيو تہ ”آءٌ #1‏:9 عبراني بني اسرائيل کي ”عبراني“ بہ سڏيو ويندو هو.عبراني آهيان ۽ خداوند عرش عظيم جي خدا جي بندگي ڪندو آهيان، جنهن سمنڊ ۽ زمين پيدا ڪئي آهي.“
10يونس کين وڌيڪ ٻڌايو تہ ”آءٌ خداوند کان ڀڄي نڪتو آهيان.“ تڏهن اهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا ۽ چيائونس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“
11جيئن تہ سمنڊ تي طوفان زور وٺندو ٿي ويو تنهنڪري هنن پڇيس تہ ”اسين تو سان ڇا ڪريون جو سمنڊ اسان لاءِ ماٺو ٿئي؟“ 12يونس کين چيو تہ ”مون کي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريو تہ سمنڊ اوهان لاءِ ماٺو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ مون کي يقين آهي تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.“
13انهيءَ هوندي بہ سامونڊي جهاز وارن ڳن موڙي زمين ڏانهن موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ طوفان زور وٺندو ٿي ويو. 14تڏهن هنن خداوند کي ٻاڏائي چيو تہ ”اي خداوند! اسين تو کي منٿ ٿا ڪريون تہ هن شخص جي جان جي بدلي ۾ اسان کي نہ مار. هن خون جو اسان کي ڏوهي قرار نہ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند! جيئن تو کي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.“ 15تنهن کان پوءِ هنن يونس کي کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، تہ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو. 16اهو ڏسي جهاز وارن کي خداوند جو ڏاڍو ڊپ ٿيو. هنن خداوند آڏو جانور قربان ڪيو ۽ نذرانا ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
17 # مت 12‏:40 خداوند هڪڙي وڏي مڇيءَ کي مقرر ڪيو، جيڪا يونس کي ڳهي ويئي. يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون انهيءَ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو.

Currently Selected:

يونس 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in