YouVersion Logo
Search Icon

يونس ‮تعارف‬

تعارف
”يونس“ نالي هي مقدس ڪتاب پراڻي عهدنامي ۾ ڏنل ٻين نبين جي ڪتابن کان مختلف آهي. هن ڪتاب ۾ هڪڙي اهڙي نبيءَ جو واقعو مثال طور بيان ڪيو ويو آهي، جنهن خدا جي حڪم جي نافرماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
خدا حضرت يونس کي عظيم بادشاهت اشور جي گاديءَ واري شهر نينواہ ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو. اشور وارا بني اسرائيل جا جاني دشمن هئا. تنهنڪري حضرت يونس خدا جو پيغام کڻي اوڏانهن وڃڻ نہ ٿي چاهيو، ڇاڪاڻ تہ هن کي شڪ هو تہ جيڪڏهن ماڻهو توبهہ‌تائب ٿيا تہ خدا نينواہ شهر کي تباهہ ڪرڻ واري ڌمڪيءَ تي عمل نہ ڪندو. ڪجھہ واقعن ٿيڻ کان پوءِ هن اهو حڪم بي‌دليءَ سان بجا آندو. آخر ۾ جڏهن نينواہ تي سزا نازل نہ ٿي تہ هو ناراض ٿي ويو.
هي ڪتاب سڄي مخلوق تي خدا جي بااختيار حڪمرانيءَ بابت ٻڌائي ٿو. پر ڪتاب جي اهم ڳالهہ اها آهي تہ خدا محبت ۽ رحم ڪرڻ وارو خدا آهي. خدا پنهنجي عبادت ڪندڙن جي دشمنن کي بہ سزا ڏيڻ ۽ تباهہ ڪرڻ نہ ٿو چاهي، بلڪ هنن کي پڻ معافي ڏيڻ ۽ بچائڻ چاهي ٿو.
سِٽاءُ
خدا جو حضرت يونس کي سڏڻ ۽ سندس نافرماني 1‏:1‏-17
حضرت يونس جو توبهہ ڪرڻ ۽ خدا جو کيس بچائڻ 2‏:1‏-10
حضرت يونس جو نينواہ جي خلاف پيغام 3‏:1‏-10
نينواہ وارن تي خدا جو رحم 4‏:1‏-11

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in