1
ادوم وارن جي مغروري ۽ سزا
1 #
يس 34:5-17، 63:1-6، ير 49:7-22، حز 25:12-14، 35:1-15، عا 1:11-12، ملا 1:2-5 خداوند خدا ادوم جي قوم بابت عبدياہ نبيءَ جي معرفت هي پيغام ڏنو.
قومن ڏانهن جيڪو ايلچي موڪليو ويو،
تنهن جو اعلان خداوند جي طرفان هو.
اهو اعلان اسان يهوداہ وارن بہ ٻڌو تہ
”اُٿي کڙا ٿيو ۽ ادوم وارن تي حملو ڪريو!“
2هوڏانهن خداوند ادوم جي قوم کي فرمائي ٿو تہ
”ياد رک، آءٌ تو کي تمام ڪمزور قوم بڻائي ڇڏيندس.
هائو، تون هر ڪنهن جي اڳيان ڌڪاريل قوم ڄاتي ويندينءَ.
3تون مٿاهين جبل تي مضبوط قلعي ۾ ٿي رهين،
جنهن سبب تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ
’ڪير آهي جيڪو مون کي هيٺ زمين تي ڪيرائي سگھي؟‘
پر اي جبلن ۾ رهندڙ قوم!
تنهنجي مغروري ئي تو کي دوکو ڏيندي.
4توڙي جو تون عقاب وانگر تمام بلندين تي ٿي اُڏامين،
۽ پنهنجو آکيرو تارن منجھہ ٺاهيو اٿيئي،
تڏهن بہ آءٌ خداوند تو کي اتان ڪيرائي هيٺ اڇلائي ڇڏيندس.
5جڏهن بہ ڪي ڌاڙيل
يا رات جو ڪي چور ڪنهن گھر ۾ گھڙي اچن،
تہ اهي رڳو اوترو ئي کڻي ويندا جيترو کين هٿ اچي سگھي،
يا جڏهن انگورن جو چونڊو ڪندڙ باغ مان چونڊو ڪري وڃن
تہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪجھہ ڇڳا ول ۾ رهجي وڃن.
پر اي ادوم جي قوم!
تنهنجا دشمن تو سان ائين سلوڪ نہ ڪندا،
ڇاڪاڻ تہ اهي تو کي پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.
6 #
پيد 36:18،19 هائو، اي عيسوءَ جو اولاد!
اوهان جي لڪل خزاني جي هر شيءِ لٽي ڦري ويندي.
7اوهان جا سڀيئي اتحادي اوهان کي دوکو ڏيندا.
اهي اوهان کي اوهان جي وطن مان ڀڄائي ڪڍندا.
جيڪي ماڻهو اوهان جا خيرخواهہ آهن،
سي دوکي سان اوهان تي غالب ٿي ويندا.
هائو، اوهان جا سٺا سٺا دوست
جيڪي روزانو اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا،
سي ئي اوهان سان ٺڳي ڪندا.
پوءِ اهڙيءَ طرح اوهان جي سمجھہ
اوهان کان موڪلائي ويندي.
8سو جنهن ڏينهن آءٌ خداوند ادوم جي قوم کي سزا ڏيندس،
تنهن ڏينهن آءٌ منجھائن دانائيءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس.
هائو، آءٌ سندن جابلو علائقي مان ڏاهپ کي مِٽائي ڇڏيندس.
9ادوم ملڪ مٿان آءٌ اهڙي مصيبت آڻيندس
جو تيمان شهر جا جنگي جوڌا بہ ڊڄي ويندا.
تڏهن سڄي ملڪ جي ماڻهن کي نيست وَ نابود ڪيو ويندو.“
ادوم وارن جي سزا جا سبب
10خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي ادوم وارؤ! جيئن تہ اوهان پنهنجي #10 همقوم ڀائرن بني اسرائيل يعقوب جو اولاد هئا، جيڪو عيسوءَ جو ڀاءُ هو جڏهن تہ ادوم وارا عيسوءَ جو اولاد هئا. همقوم ڀائرن،
يعني يعقوب جي اولاد کي لٽيو ڦريو ۽ کين قتل ڪيو آهي،
تنهنڪري اوهين هميشہ جي لاءِ برباد ۽ خوار خراب ڪيا ويندا.
11جنهن ڏينهن بابلي دشمنن يروشلم جا دروازا ٿي ڀڳا،
۽ شهر جي مال ملڪيت کي لٽي ڦري
پاڻ ۾ ٿي ورهايائون،
تنهن ڏينهن اوهان هڪ پاسي خاموشيءَ سان بيٺي تماشو ڏٺو.
سو اوهين بہ انهن بڇڙن ڌارين وانگر ئي بڇڙا آهيو.
12اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھربو هو
جو اوهان انهيءَ ڏينهن پنهنجي بني اسرائيل وارن ڀائرن کي
مصيبت ۾ ڏسي بيٺي کڳيون هيون.
انهن جي تباهيءَ واري ڏينهن تي
اوهان کي خوش ٿي ائين کڳيون هڻڻ نہ کپندو هو.
13اوهان کي منهنجي قوم جي مصيبت مان
ڪجھہ حاصل ڪرڻ لاءِ
سندن شهر اندر داخل ٿيڻ نہ گھربو هو،
نڪي اتي سندن ڏکيءَ مهل ڏسي مٿن کلڻ گھربو هو،
۽ نہ وري سندن مال ملڪيت ڏانهن هٿ وڌائڻ گھربو هو.
14منهنجي قوم جي مصيبت واري ڏينهن
اوهان کي چوواٽي تي بيهي
جان بچائي ڀڄڻ وارن ماڻهن کي پڪڙي
دشمنن جي حوالي ڪرڻ نہ گھربو هو.“
خداوند قومن کي سزا ڏيندو
15 خداوند فرمائي ٿو تہ
”بيشڪ اهو ڏينهن ويجھو آهي،
جڏهن آءٌ خداوند سڀني قومن جي عدالت ڪندس.
اي ادوم وارؤ! جيڪي ڪجھہ اوهان ٻين سان ڪيو آهي،
سو ئي اوهان سان بہ ڪيو ويندو.
هائو، اوهان جي انهيءَ عمل جو اوهان کان بدلو ورتو ويندو.
16منهنجيءَ قوم منهنجي پاڪ جبل صيئون تي
منهنجي غضب جو پيالو پيتو آهي.
پر جلد ئي سندن آسپاس واريون قومون
انهيءَ کان بہ وڌيڪ منهنجي غضب جو پيالو پيئنديون.
هائو، اهي اهو پيالو پيون پيئنديون ۽ ڳڙڪائينديون،
ايتري تائين جو دنيا ۾ سندن وجود ئي باقي نہ رهي.“
بني اسرائيل جي فتح
17خداوند فرمائي ٿو تہ
”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا،
۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو.
بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.
18تڏهن يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن وارا
باهہ جي شعلي مثل هوندا،
جيڪي عيسوءَ جي گھراڻي کي
بُهہ جيان ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.
ايتري قدر جو ادوم وارن مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
19يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ پاسي رهندڙ بني اسرائيل
ادوم ملڪ تي قبضو ڪندا،
اولهہ طرف جبل جي دامن ۾ رهندڙ
فلستين جي هٿان کسيل پنهنجي علائقي تي
ٻيهر قبضو ڪري وٺندا.
اتر طرف بني اسرائيل سامريہ شهر،
بلڪ سڄو اسرائيل ملڪ هٿ ڪندا،
۽ اوڀر پاسي بني اسرائيل مان بنيامين قبيلي وارا
جِلعاد علائقي تي قبضو ڪري وٺندا.
20جيڪي اسرائيل ملڪ مان جلاوطن ڪيا ويا هئا،
سي لشڪر جي صورت ۾ موٽي اچي
اتر طرف صور شهر جي علائقي واري
صارپت شهر تائين قبضو ڪندا.
جڏهن تہ يروشلم وارا
جيڪي ڏورانهين شهر سفاراد تائين جلاوطن ڪيا ويا هئا،
سي واپس اچي يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ وارا شهر هٿ ڪندا.
21يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري
صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا.
تڏهن سڀني قومن تي
مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“