YouVersion Logo
Search Icon

يونس 3

3
يونس جي فرمانبرداري
1 خداوند ٻيو ڀيرو يونس کي فرمايو تہ 2”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ جيڪي آءٌ تو کي چوان سو اتان جي ماڻهن کي وڃي ٻڌاءِ.“
3تڏهن يونس خداوند جي حڪم موجب نينواہ شهر ڏانهن روانو ٿيو. نينواہ ايڏو تہ وڏو شهر هو جو ان منجھان لنگھي وڃڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ٿي ويا. 4#مت 12‏:41، لو 11‏:32 يونس شهر ۾ گھڙيو ۽ هڪ ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪيائين تہ چاليهن ڏينهن کان پوءِ نينواہ شهر برباد ڪيو ويندو.
5اهو ٻڌي نينواہ جي ماڻهن خدا تي يقين ڪيو. هنن توبهہ ڪندي هڪڙي روزي رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ ادنيٰ کان اعليٰ تائين سڀني ماڻهن کٿو ڍڪيو. 6نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو. 7تنهن کان پوءِ هن حڪم جاري ڪيو تہ
”بادشاهہ ۽ سندس اميرن جي حڪم سان هي اعلان ڪيو وڃي ٿو تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڍور ڍڳا يا رڍون ٻڪريون نڪي کائن نڪي پيئن، بلڪ ڪوبہ ماڻهو توڙي جانور ڪا شيءِ چکي بہ نہ. 8ماڻهو توڙي جانور کٿا ڍڪين ۽ خدا کي تمام گھڻو ٻاڏائين. هر ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت ۽ پنهنجي هٿان ڪيل ظلم کان توبهہ ڪري. 9شايد خدا پنهنجو ارادو بدلائي پنهنجي شديد قهر کان باز اچي ۽ اسين برباديءَ کان بچي وڃون.“
10جڏهن خدا ڏٺو تہ هو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت کان توبهہ‌تائب ٿي ويا آهن، تڏهن خدا پنهنجو ارادو بدلايو ۽ انهن سان ائين ڪونہ ڪيائين جيئن چيو هئائين.

Currently Selected:

يونس 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in