YouVersion Logo
Search Icon

يونس 4

4
يونس جو ڪاوڙجڻ
1پر اها ڳالهہ يونس کي اصل نہ وڻي ۽ هو ڪاوڙيو. 2#خر 34‏:6 هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين. 3#1.با 19‏:4 هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“ 4تڏهن خداوند کيس فرمايو تہ ”ڇا تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“
5پوءِ يونس شهر کان ٻاهر اوڀر طرف نڪري ويو. اُتي پنهنجي لاءِ هڪڙو ڇپر ٺاهي ان جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي. 6خداوند خدا هڪڙو #4‏:6 ٻوٽو گھڻو ڪري اهو هيرڻ جو ٻوٽو خيال ڪيو وڃي ٿو.ٻوٽو پيدا ڪيو ۽ انهيءَ کي يونس جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ پکيڙي ڇڏيائين تہ جيئن هو تڪليف کان بچي. يونس انهيءَ ٻوٽي جي ڪري تمام گھڻو خوش ٿيو. 7پر ٻئي ڏينهن صبح جي وقت خدا هڪڙو ڪينئون موڪليو، جنهن ٻوٽي کي ٽُڪيو تہ اهو ڪومائجي ويو. 8پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“
9تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“ 10تڏهن خداوند فرمايو تہ ”تو کي انهيءَ ٻوٽي جي ايتري ڳڻتي آهي جنهن جي لاءِ تو نہ تہ ڪا محنت ڪئي، نڪي ان کي اُڀاريو. اهو تہ هڪڙيءَ ئي رات ۾ پيدا ٿيو ۽ هڪڙيءَ ئي رات ۾ سُڪي سڙي ويو. 11تڏهن ڇا مون کي انهيءَ وڏي شهر نينواہ جي ڳڻتي نہ هوندي جنهن ۾ بي‌شمار چوپايي مال کان سواءِ هڪ لک ويهن هزارن کان وڌيڪ معصوم ٻار آهن.“

Currently Selected:

يونس 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in