YouVersion Logo
Search Icon

ميڪاہ ‮تعارف‬

تعارف
”ميڪاہ“ نالي هن مقدس ڪتاب جو ليکڪ حضرت ميڪاہ يسعياہ نبيءَ جو همعصر هو ۽ ڏاکڻي بادشاهت يهوداہ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. هو انهيءَ ڳالهہ جو قائل هو تہ يهوداہ تي بہ ساڳي قومي تباهي اچڻ واري آهي، جيڪا اڳڪٿي عاموس نبيءَ اترينءَ بادشاهت اسرائيل جي باري ۾ ڪئي هئي ۽ ساڳي ئي سبب جي ڪري خدا ماڻهن سان ناانصافي ڪندڙن کي سزا ڏيندو. تنهن هوندي بہ حضرت ميڪاہ جي پيغام ۾ مستقبل جي باري ۾ واضح ۽ ڌيان جوڳين اميدن جون نشانيون آهن.
هن مقدس ڪتاب ۾ ڪي ڌيان ۾ رکڻ جهڙيون ڳالهيون هي آهن. خدا جي حاڪميت هيٺ سڄي جهان ۾ امن وَ امان هوندو (4‏:1‏-4). حضرت دائود جي خاندان مان هڪ عظيم بادشاهہ ايندو، جيڪو قوم کي امن وَ سلامتي ڏيندو (5‏:2‏-4). حضرت ميڪاہ سڀني نبين جي ڳالهين جو نچوڙ ڪڍندي چيو تہ خداوند چاهي ٿو تہ ”اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون“ (6‏:8).
سِٽاءُ
اسرائيل ۽ يهوداہ وارن خلاف پيغام 1‏:1‏–3‏:12
بحالي ۽ امن جا پيغام 4‏:1‏–5‏:15
تنبيهہ ۽ اميد جا پيغام 6‏:1‏–7‏:20

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in