YouVersion Logo
Search Icon

ميڪاہ 1

1
1يهوداہ جي ٽن بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي بادشاهتن جي دوران خداوند مون ميڪاہ مورشتيءَ کي اسرائيل ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ سامريہ ۽ يهوداہ ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ يروشلم وارن بابت هي پيغام ڏنو.
سامريہ ۽ يروشلم شهرن ۽ سندن رهاڪن لاءِ مرثيو
2اي سموريون قومون! ٻڌو،
هائو، اي ڌرتيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو.
خداوند خدا اوهان جا گناهہ ظاهر ڪندي
اوهان جي خلاف فيصلو ڏيڻ وارو آهي.
ٻڌو، هو پنهنجي عرش عظيم مان ڳالهائي رهيو آهي.
3ڏسو، خداوند پنهنجي انهيءَ جاءِ مان نڪري هيٺ اچي
ٽڪر تي ٺهيل پوڄا گھرن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندو.
4پوءِ سندس پيرن جي بار ڪري جبل ائين رجي ويندا،
جيئن باهہ ۾ ميڻ رجيو وڃي.
جبلن جي رجڻ سان ائين گھارا بڻجي ويندا،
جيئن جبلن تان پاڻيءَ جي وهڻ ڪري بڻبا آهن.
5اهو سڀ ڪجھہ يعقوب جي اولاد،
يعني بني اسرائيل جي گناهن جي ڪري ٿيندو.
ڇا سامريہ شهر ۾ اسرائيل وارن کي
بت‌پرستيءَ جي راهہ تي نہ آندو ويو آهي؟
ڇا يروشلم شهر ۾ غير معبودن جون قربان‌گاهون ٺاهي
يهوداہ وارن کي گنهگار نہ بڻايو ويو آهي؟
6تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ
”آءٌ سامريہ شهر کي برباد ڪري ڀترن جا ڍير بڻائي ڇڏيندس،
جتي رڳو انگورن جون وليون پوکي سگھجن.
آءٌ انهيءَ جا ڀتر ماٿريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندس،
ايتري قدر جو شهر جي جاين جا بنياد ڏسڻ ۾ ايندا.
7آءٌ سامريہ جي قيمتي بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس.
هائو، انهيءَ جي سڀني بتن کي ڀڃي ڍير ڪيو ويندو،
۽ انهيءَ جي پوڄا گھرن جي ڪڃرين کي ڏنل هر شيءِ
ساڙي رک ڪئي ويندي.
سامريہ وارن پوڄا گھرن جي ڪڃرين جي اجرت مان
جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪيا آهن،
سي سڀيئي ڌاريا ماڻهو کڻي
ٻين ڪڃرين کي اجرت طور ڏيڻ ۾ استعمال ڪندا.“
8اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس،
۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس.
جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن،
۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن،
تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.
9سامريہ جا زخم لاعلاج آهن،
۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي.
بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان
اچي پهچڻ واري آهي،
هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.
10 # 2.سم 1‏:20 اي يهوداہ وارؤ! اوهين جات شهر وارن اسان جي دشمنن کي
پنهنجي ملڪ تي اچڻ واري مصيبت بابت نہ ٻڌايو،
اهي اوهان کي روئندي پٽيندي نہ ڏسن.
تنهن هوندي بہ اوهين پنهنجي مصيبت جو اظهار
اهڙيءَ طرح ڪندا
جهڙا اوهان جي ڳوٺن جا نالا آهن، جهڙوڪ:
اي بيت‌افرہ وارؤ! اوهين مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندا.
11اي سفير شهر جا رهاڪؤ!
اوهين اگھاڙا ۽ شرمندا ٿي جلاوطن ٿي ويندا.
اي ضانان شهر جا رهاڪؤ!
اوهين پنهنجي شهر مان نڪرڻ جي همت نہ ڌاري سگھندا.
جڏهن بيت‌ايضل وارن جي روئڻ رڙڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي،
تڏهن ڄاتو ويندو تہ اتي انهن لاءِ ڪا پناهہ ناهي.
12جڏهن خداوند جي طرفان يروشلم تي آفت اچي نازل ٿيندي،
تڏهن ماروت شهر جا رهاڪو مدد لاءِ سخت انتظار ۾ هوندا.
13اي لڪيس شهر جا رهاڪؤ!
اوهين جنگي گھوڙي گاڏيون تيار ڪري ڀڄي وڃو.
شروعات ۾ اوهان اسرائيل وارن جا گناهہ ڏسي ڪري
يروشلم وارن کي بہ گمراهہ ڪيو.
14هاڻي اي يهوداہ وارؤ!
اوهين مورست‌جات شهر کي الوداع چئي هليا ويندا.
اسرائيل جا بادشاهہ
اڪزيب شهر وارن جي مدد کان مايوس ٿي ويندا.
15 # 1.سم 22‏:1 اي مريسہ شهر جا رهاڪؤ!
خداوند اوهان کي اهڙي دشمن جي حوالي ڪندو،
جيڪو اوهان جي شهر تي قبضو ڪري وٺندو.
بني اسرائيل جا اڳواڻ عدلام جي غار ۾ وڃي لڪندا.
16اي يروشلم جي پياري وسندي!
جيئن ماڻهو ڏک جو اظهار ڪرڻ خاطر پنهنجا مٿا ڪوڙائي
ڳجھہ وانگر بلڪل گنجا ٿين ٿا،
تيئن تون بہ پنهنجي ملڪ جي رهاڪن لاءِ روڄ راڙو ڪر،
ڇاڪاڻ تہ اهي تو کان کسي جلاوطن ڪيا ويندا.

Currently Selected:

ميڪاہ 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in