2
غريبن تي ظلم ڪندڙن لاءِ سزا
1ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ!
جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين.
اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ
بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين.
پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين،
ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.
2هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي
سندن ميراث کسي ٿا وٺن.
هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر
زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.
3اهو ئي سبب آهي جو خداوند پاڻ بہ انهن جي خلاف منصوبا جوڙي فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، آءٌ اوهان اميرن تي آفت نازل ڪرڻ وارو آهيان،
جنهن مان اوهين بچي ڪين سگھندا.
هائو، اوهان تي اهڙو تہ برو وقت اچڻ وارو آهي،
جو اوهين اڳتي مغروريءَ سان هلي نہ سگھندا.
4جڏهن اهو وقت ايندو،
تڏهن ماڻهو اوهان جي آيل آفت تي
ٺٺوليون ڪندي اوهان جي پاران
هي دردناڪ مرثيو ڳائيندي چوندا تہ
’افسوس! اسين امير برباد ٿي وياسين،
اسين بلڪل لٽجي وياسين.
خداوند اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو آهي.
هائو، هن اسان جون ٻنيون
اسان تي قبضو ڪندڙن کي ورهائي ڏنيون آهن.‘“
5پوءِ جڏهن خداوند جو پنهنجيءَ قوم کي
سندن ملڪيت موٽائي ڏيڻ جو وقت ايندو،
تڏهن انهن اميرن مان ڪنهن کي بہ حصو نہ ملندو.
ميڪاہ جي خلاف امير
6اهي امير مون کي ڇينڀيندي چون ٿا تہ
”اسان کي نہ ڊيڄار!
هائو، اڳڪٿيون ڪري اهڙيون ڳالهيون نہ ڪر،
خداوند اسان کي خوار خراب نہ ڪندو.
7اسان يعقوب جي اولاد بابت
تو کي اهڙي ڳالهہ نہ چوڻ گھرجي.
ڇا خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ناهي؟
ڇا اهڙو عمل خدا جي لائق آهي؟
ڇا هن سچارن کي
هميشہ پنهنجي برڪتن سان نہ نوازيو آهي؟“
8پر خداوند انهن بني اسرائيل جي اميرن کي فرمائي ٿو تہ
”اوهين لهڻيدار منهنجي قوم جي غريبن تي
دشمن وانگر حملو ٿا ڪريو.
جڏهن جنگ تان موٽندڙ سپاهي
اهو سوچيندي پنهنجي گھر اچن ٿا تہ
اتي هو امن ۽ سلامتيءَ سان هوندا،
تڏهن اوهين سندن تاڙ ۾ آهيو تہ
قرض ۾ انهن جا ڪپڙا بہ لاهي وٺو.
9اوهين مردن جي غير موجودگيءَ ۾
منهنجي قوم جي عورتن کي
سندن پيارن گھرن مان تڙي ٿا ڇڏيو،
۽ سندن ننڍڙن ٻارن کان منهنجيون ڏنل سهولتون کسي ٿا وٺو،
جنهن ڪري اهي ٻار اڳتي وڌي نہ ٿا سگھن.
10سو اي ظالمؤ! نڪرو، هن ملڪ مان هليا وڃو!
ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري
هن ملڪ ۾ سخت بربادي اچڻي آهي،
جنهن ڪري هتي ڪو امن وَ سڪون نہ رهندو.“
11هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو
انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا،
جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ
”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ
اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“
بحاليءَ جو واعدو
12خداوند بني اسرائيل سان واعدو ٿو ڪري تہ
”اي يعقوب جو اولاد! آءٌ اوهان جي باقي بچيلن کي
گڏ ڪري ضرور سندن وطن ڏانهن ائين موٽائي آڻيندس،
جيئن هڪ ڌنار پنهنجي رڍن جي ڌڻ کي هڪلي
آڻي سندن چراگاهہ ۾ گڏ ڪندو آهي.
پوءِ اوهان جو ملڪ وري رونقن سان ڀرجي ويندو.
13هائو، آءٌ خداوند انهن باقي بچيلن جون رڪاوٽون
ٽوڙي ڇڏيندس ۽ کين جلاوطنيءَ مان موٽائي آڻيندس.
اهي قيد جا دروازا ڀڃي نڪري آزاد ٿيندا.
بلڪ آءٌ خداوند ئي کين ٻاهر ڪڍي ايندس،
۽ سندن بادشاهہ هوندس.“