3
ميڪاہ جو بني اسرائيل جي اڳواڻن کي نندڻ
1اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ!
هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو.
ڇا اوهان جو اهو فرض ناهي جو
اوهين انصاف قائم ڪريو؟
2-3پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا،
۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو.
جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي
انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي،
۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي،
تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو.
ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو.
4سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي،
جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا،
پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو.
اوهان جي بدڪارين جي ڪري
هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو.
5 نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ!
جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا،
تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو.
پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين،
تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.
6سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا،
۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا.
هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا
سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي
۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي.
7سو اي غيبدانو ۽ فالون وجھندڙؤ!
هاڻ اوهين پنهنجي ناڪاميءَ سبب ذليل ۽ خوار خراب ٿيندا،
ڇاڪاڻ تہ منهنجي طرفان
اوهان جي منٿن جو ڪو جواب نہ ملندو.“
8پر خداوند مون ميڪاہ تي پنهنجو روح نازل ڪري
مون کي طاقت، عدل ۽ دليري عطا ڪري ڇڏي آهي،
انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يعقوب جي اولاد بني اسرائيل کي
سندن ڪيل گناهن کان آگاهہ ڪريان.
9سو اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ!
هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو.
اوهين جيڪي انصاف کان نفرت ٿا ڪريو،
۽ سچ کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو،
سي هيءَ ڳالهہ ٻڌي ڇڏيو تہ
10اوهين خداوند جي شهر يروشلم کي تہ اڏايو ٿا
پر انهيءَ اڏاوت ۾ خونريزي ۽ ناانصافي شامل آهي.
11اوهان جا عملدار رشوت وٺي
ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن.
اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين،
۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن.
انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ
”خداوند اسان سان گڏ آهي،
سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“
12 #
ير 26:18
تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي
صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو.
هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو
۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.