YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 12

12
ويم کان پوءِ عورت جي پاڪائي
1 خداوند موسيٰ کي 2#لاو 15‏:19 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪا عورت پيٽ سان ٿئي ۽ پٽ ڄڻي تہ اها ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندي. 3#پيد 17‏:12، لو 2‏:21 اٺين ڏينهن ڇوڪر جو طهر ڪيو وڃي. 4ان کان پوءِ اها خون کان پاڪ ٿيڻ تائين وڌيڪ ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي. جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين تيستائين ڪنهن بہ مخصوص شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ اچي. 5پر جيڪڏهن هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ پوءِ ٻن هفتن تائين ناپاڪ رهندي، جيئن ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي. ان کان پوءِ هوءَ خون کان پاڪ ٿيڻ تائين ڇاهٺ ڏينهن وڌيڪ ڇِلي ۾ رهي.
6پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ لاءِ پٽ يا ڌيءَ جا مقرر ڏينهن پورا ٿين، تڏهن هوءَ هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو ڪبوتر يا هڪڙو ڳيرو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي. 7ڪاهن مون خداوند جي حضور ۾ اها قرباني پيش ڪري ۽ هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي خون اچڻ کان پاڪ ٿيندي. ويم واري عورت لاءِ اهو ئي قاعدو آهي، پوءِ هوءَ پٽ ڄڻي يا ڌيءَ. 8#لو 2‏:24 پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 12: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in