11
حلال ۽ حرام جانور
(شريعت جو دور 14:3-21)
1پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي 2بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ڌرتيءَ جي سڀني جانورن مان جيڪي اوهان کي کائڻ جائز آهن سي هي آهن. 3اهڙا جانور جن جا کُر ٻن ڦاڪن ۾ چيريل آهن ۽ جيڪي اوڳارين ٿا سي سڀ اوهين کائجو. 4-6پر انهن مان جيڪي اوڳارين تہ ٿا پر انهن جا کُر چيريل نہ آهن سي اوهين نہ کائجو، مثال طور اٺ، جھنگلي سيهڙ ۽ سهو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن. 7بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اهي اوڳارين نہ ٿا سي نہ کائجو، خاص طور سوئر. 8انهن جانورن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن. 9پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ جائز آهن سي هي آهن. جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ آهن سي اوهين کائجو، پوءِ اهي سمنڊ ۾ هجن توڙي ندين ۾. 10پر انهن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن ۽ ٻيا جانور جيڪي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا سي سڀ اوهان جي لاءِ حرام 11۽ مڪروهہ آهن. اوهين انهن جو گوشت نہ کائجو ۽ انهن جي مڙهن کان نفرت ڪجو. 12سو پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن ساهوارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
13-19پکين مان جيڪي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن ۽ اوهان کي کائڻا نہ آهن، بلڪ انهن کان نفرت ڪرڻي آهي سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: عقاب، ڳجھہ، شڪرو، هِل، ڪانءُ، شترمرغ، باز، چٻرو، ڪنگ، چٻ، قاز، پِيَڻِ، لقلق، ٻگھہ، هُدهُد ۽ چمڙو.
20کنڀن وارا سڀ جيت اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن، 21سواءِ انهن جي جن جون ٽنگون ڊگھيون آهن، جن جي وسيلي هو زمين تي ٽپ ٿا ڏين، 22يعني مڪڙن ۽ تڏين جا سمورا قسم. 23پر ٻيا سمورا کنڀن وارا جيت اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
24-28جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.
29زمين تي سرندڙ جيتن مان جيڪي اوهان جي لاءِ حرام آهن سي پنهنجي سڀني قسمن مطابق هي آهن: نور، ڪوئو، ڳوهہ، 30ڪرڙي، واڳون، سانڊو، ريگماهي ۽ گرگٽ. 31جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 32اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا سا ناپاڪ ٿيندي، پوءِ کڻي اها ڪاٺ جي هجي يا ڪپڙي جي، کل جي هجي يا کٿي جي، مطلب تہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙي بہ شيءِ هجي انهيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. شام تائين اها ناپاڪ رهندي، پوءِ پاڪ ٿي ويندي. 33جيڪڏهن انهن مان ڪو مئل جيت ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ ۾ ڪري پوي تہ انهيءَ ۾ جيڪي بہ پيل هوندو سو ناپاڪ ٿيندو ۽ اهو ٿانءُ اوهين ڀڃي ڇڏجو. 34ڪنهن بہ کاڌي واري شيءِ ۾ جيڪڏهن اهڙي ناپاڪ ٿيل ٿانوَ جو پاڻي پئجي ويو تہ اها ناپاڪ ٿيندي ۽ انهيءَ ٿانوَ ۾ پيئڻ واري هر شيءِ ناپاڪ ٿي ويندي. 35جنهن بہ شيءِ تي انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو ڪري تہ اها ناپاڪ ٿيندي، پوءِ اهو تنور هجي يا چلهو، انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. اهي ناپاڪ آهن ۽ اوهان جي لاءِ بہ ناپاڪ رهندا. 36انهيءَ هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گھڻو پاڻي هجي سو پاڪ رهندو، باقي ٻي ڪابہ شيءِ انهن جي مڙهہ کي لڳندي تہ اها ناپاڪ ٿيندي. 37جيڪڏهن انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو اهڙي ٻج تي ڪري، جيڪو ٻنيءَ ۾ پوکڻو هجي تہ اهو ٻج پاڪ رهندو. 38پر جيڪڏهن ڪنهن ٻج کي پاڻيءَ ۾ پسايو ويو هجي ۽ پوءِ انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو انهيءَ تي ڪري، تہ اهو ٻج اوهان لاءِ ناپاڪ ٿيندو.
39جيڪي جانور اوهان جي لاءِ حلال آهن، تن مان جيڪڏهن ڪو مري پوي، تہ جيڪو انهيءَ جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 40جيڪو انهيءَ مئل جانور مان ڪجھہ کائي يا جيڪو انهيءَ جي مڙهہ کي کڻي تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ڇڏي، پر تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.
41زمين تي سرندڙ سڀيئي جيت مڪروهہ آهن ۽ کائڻ جائز نہ آهن. 42انهن مان جيڪو بہ جيت پيٽ ڀر ٿو رڙهي يا جنهن کي چار يا چئن کان وڌيڪ پير آهن سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ مڪروهہ آهن. 43زمين تي سرندڙ جيتن سان اوهين پاڻ کي گندو نہ ڪجو، نہ تہ اوهين پليت ٿي پوندا. 44#لاو 19:2، 1.پط 1:16 سو اوهين پاڻ کي انهن سان پليت نہ ڪجو بلڪ پاڻ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڻ پاڪ آهيان. 45آءٌ خداوند ئي آهيان جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي اوهان جو خدا هجان. تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاڪ آهيان.
46جانورن، پکين، پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت اهو ئي قاعدو آهي، 47انهيءَ لاءِ جو اوهان کي پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾ ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.“