YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 10

10
غير شرعي باهہ جي سزا
1پوءِ هارون جي پٽن مان ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي ٽانڊا رکيا، انهن جي مٿان لوبان وڌائون ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي غير شرعي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هئن. 2تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا. 3تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ
’جيڪي منهنجي ويجھو اچن،
سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن،
بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“
تڏهن هارون خاموش رهيو.
4پوءِ موسيٰ پنهنجي ۽ هارون جي چاچي عزي‌ايل جي پٽن ميشاايل ۽ اليصافن کي سڏي چيو تہ ”اوهين ويجھا اچو ۽ پنهنجي سؤٽ جي پٽن جي لاشن کي مقدس جاءِ مان ڪڍي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر کڻي وڃو.“ 5سو هو ويجھا آيا ۽ انهن جي لاشن کي پنهنجن ڪپڙن ۾ کڻي، موسيٰ جي حڪم موجب خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪڍي ويا. 6پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي. 7مگر اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو مسح ڪرڻ وارو تيل اوهان تي لڳل آهي.“ سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.
ڪاهنن لاءِ قاعدا قانون
8 خداوند هارون کي فرمايو تہ 9”تون ۽ تنهنجا پٽ مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ پي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل نہ ٿجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ اهو هڪڙو قانون هوندو. 10ان جو سبب هي آهي تہ اوهين مون خدا لاءِ مخصوص ٿيل شين ۽ عام شين ۽ حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق معلوم ڪري سگھو. 11ان سان گڏ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو جيڪي مون موسيٰ جي معرفت کين ٻڌايا آهن.“
12 # لاو 6‏:14‏-18 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي. 13اها اوهين رڳو مخصوص جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جيئن تہ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي. 14#لاو 7‏:30‏-34 بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي. 15ساڙيون ويندڙ قربانين جي چرٻيءَ ساڙڻ وقت اها ران ۽ اهو سينو آندا وڃن، تہ جيئن اهي خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيا وڃن. اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق ٿيندو، جيئن خداوند فرمايو آهي.“
16پوءِ جڏهن موسيٰ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري ٻڪر جي پڇا‌ڳاڇا ڪئي تہ کيس معلوم ٿيو تہ اهو سڙي چڪو آهي، تڏهن هو هارون جي باقي بچيل پٽن اليعزر ۽ اتمر تي ڏاڍو ڪاوڙيو. کين سختيءَ سان چيائين تہ 17#لاو 6‏:24‏-26 ”اوهان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مخصوص جاءِ ۾ وڃي کاڌي ڇو نہ؟ جڏهن تہ اها قرباني خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. خداوند اوهان کي ان جي ادا ڪرڻ بابت انهيءَ لاءِ فرمايو آهي تہ جيئن قوم جا گناهہ کڻي، سندس حضور ۾ اهڙيءَ طرح ڪفارو ادا ڪيو وڃي. 18جڏهن تہ انهيءَ جو رت بہ مقدس جاءِ ۾ ڪونہ آندو ويو هو، تڏهن اوهان کي گھربو هو تہ اها قرباني ضرور مخصوص جاءِ ۾ کائو ها، جيئن مون حڪم ڏنو هو.“
19تنهن تي هارون موسيٰ کي وراڻيو تہ ”ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي آهي. جڏهن تہ مون سان اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني کاوان ها تہ خداوند جي نظر ۾ اهو چڱو هجي ها ڇا؟“ 20اها ڳالهہ ٻڌي موسيٰ مطمئن ٿيو.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 10: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in