9
ڪاهنن جو خدمت جو ڪم شروع ڪرڻ
1مخصوصيت جي ستن ڏينهن بعد اٺين ڏينهن تي موسيٰ هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏايو. 2هن هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو بيعيب گابو ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو بيعيب گھٽو وٺ ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر. 3بني اسرائيل کي بہ چئُہ تہ هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گابو ۽ هڪڙو گھيٽو آڻين. اهي ٻئي بيعيب ۽ هڪسالا هجن. 4هو سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گھٽو خداوند جي حضور ۾ قربان ڪرڻ لاءِ آڻين. انهيءَ سان گڏ هو اناج جي قربانيءَ وارو تيل ۾ ڳوهيل ميدو بہ آڻين، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.“
5سو اهي موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجھہ ساڻ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان آيا ۽ سڄي قوم ويجھو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي. 6تڏهن موسيٰ چين تہ ”هي آهي اهو ڪم جنهن جي ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوو اوهان تي ظاهر ٿئي.“ 7#عبر 7:27 پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون قربانگاهہ جي ويجھو وڃ ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ڪر ۽ پنهنجي لاءِ ڪفارو ادا ڪر. پوءِ تون امت واسطي بہ قربانيون پيش ڪر ۽ انهيءَ لاءِ ڪفارو ادا ڪر، جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي.“
8سو هارون قربانگاهہ وٽ ويو ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو گابو ذبح ڪيائين. 9هارون جي پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳايو ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين. 10انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ مان هن چرٻي، بڪيون ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. 11باقي گوشت ۽ کل هن خيميگاهہ کان ٻاهر ساڙي ڇڏيا. 12پوءِ هارون ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو ذبح ڪيو ۽ سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو. هن اهو قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو. 13پوءِ هنن ساڙڻ واري قربانيءَ جي گھٽي جا ٽڪر ان جي منڍيءَ سميت هارون کي ڏنا، جيڪي هن قربانگاهہ تي رکي ساڙيا. 14هن آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا ۽ انهن کي بہ قربانگاهہ تي پوري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيائين.
15پوءِ هارون قوم جون قربانيون پيش ڪيون. انهيءَ لاءِ هن اهو ٻڪر جيڪو قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني لاءِ آندو ويو هو سو آڻي ذبح ڪيو. هن اهو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وانگر پيش ڪيو. 16انهيءَ کان پوءِ هن ساڙڻ واري قربانيءَ جو گابو ۽ گھيٽو اڳيان آندو ۽ قاعدي موجب انهن کي قربان ڪيائين. 17هن اناج جي قرباني بہ پيش ڪئي. انهيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري، اها قربانگاهہ تي ساڙيائين. اها قرباني صبح جو پيش ڪيل روزانہ ساڙڻ واري قربانيءَ کان علاوہ ڪئي ويئي. 18#لاو 3:1-11 هن قوم جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانيءَ طور ڏاند ۽ گھٽو بہ ذبح ڪيو. سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو، جيڪو هن قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاريو. 19ان بعد ڏاند جي چرٻي، گھٽي جي چرٻي ۽ دنب، ٻنهي جون بڪيون ۽ جيرن جا پردا ڪڍي، 20هنن اهي سڀ سينن تي رکي ڇڏيا. پوءِ هارون اتان چرٻي کڻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 21هارون ٻئي سينا ۽ ساڄي ران کڻي، هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيا، جيئن موسيٰ فرمايو هو.
22 #
ڳا 6:22-26
اهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، ساڙڻ واري قرباني ۽ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ بعد هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي کين دعا ڪئي ۽ قربانگاهہ تان هيٺ لهي آيو. 23پوءِ موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي اندر ويا ۽ جڏهن ٻاهر نڪري آيا تہ ماڻهن کي دعا ڪيائون. تڏهن خداوند جو جلوو سڀني ماڻهن کي ڏسڻ ۾ آيو. 24ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.