YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 18

18
حرام قرار ڏنل رشتا
1 خداوند موسيٰ کي 2بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 3اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو. 4اوهين منهنجي حڪمن تي هلجو ۽ منهنجي قانونن تي عمل ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 5#نحم 9‏:29، حز 18‏:9، 20‏:11‏-13، لو 10‏:28، رو 10‏:5، گل 3‏:12 اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان.
6اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسي. آءٌ خداوند آهيان. 7اوهان پنهنجي پيءُ جي ننگ يعني پنهنجي ماءُ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، هوءَ توهان جي ماءُ آهي. 8#لاو 20‏:11، شر 22‏:30، 27‏:20 اوهان پنهنجي پيءُ جي ٻين زالن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پنهنجي پيءُ جي بي‌عزتي ڪندا. 9#لاو 20‏:17، شر 27‏:22 اوهان پنهنجيءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، پوءِ اها توهان جي پيءُ جي ڌيءَ هجي يا رڳو ماءُ جي. توڙي اها گھر ۾ پلي هجي يا ڪٿي ٻاهر. 10اوهان پنهنجي پوٽيءَ يا ڏوهٽيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي عزت خود اوهان جي عزت آهي. 11اوهان پنهنجي ماٽيليءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها پڻ اوهان جي ڀيڻ آهي. 12#لاو 20‏:19‏-20 اوهان پنهنجي پڦيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي پيءُ جي ويجھي مائٽياڻي آهي. 13اوهان پنهنجي ماسيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي ماءُ جي ويجھي مائٽياڻي آهي. 14اوهان پنهنجي چاچيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي چاچي جي عزت آهي. 15#لاو 20‏:12 اوهان پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي پٽ جي زال آهي. 16#لاو 20‏:21 اوهان پنهنجي ڀاڄائيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي ڀاءُ جي عزت آهي. 17#لاو 20‏:14، شر 27‏:23 جنهن عورت جي اوهان اوگھڙ ڏٺي هجي، تنهن عورت جي ڌيءَ، پوٽيءَ يا ڏوهٽيءَ مان ڪنهن جي بہ اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اهي انهيءَ عورت جون ويجھيون مائٽياڻيون آهن، سو اها وڏي بدڪاري آهي. 18اوهان پنهنجيءَ زال جي جيئري ئي انهيءَ جي ڀيڻ کي سندس پهاڄ بڻائي انهيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو.
19 # لاو 20‏:18 جيڪا عورت پنهنجي ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جي اوگھڙ ڏسڻ لاءِ سندس ويجھو نہ وڃجو. 20#لاو 20‏:10 اوهان پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو. 21#لاو 20‏:1‏-5 اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ #18‏:21 مولڪ ڪنعاني ديوتا جو نالو.مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان. 22#لاو 20‏:13 اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي. 23#خر 22‏:19، لاو 20‏:15‏-16، شر 27‏:21 اوهان ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو، نہ وري ڪا عورت ڪنهن جانور وٽ وڃي انهيءَ کان بدفعلي ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ اها بدڪاري آهي.
24اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري ئي پليت ٿيون. 25اها زمين بہ پليت ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آءٌ خداوند انهيءَ کي سندس بدڪاريءَ جي اهڙي سزا ڏيندس جو اها پنهنجي رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي. 26تنهنڪري اوهين بني اسرائيل توڙي اوهان سان گڏ رهندڙ ڌاريا سڀيئي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو، 27ڇو تہ اوهان کان اڳي جيڪي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا تن اهي سمورا مڪروهہ ڪم ڪيا، جنهن سبب اها زمين پليت ٿي. 28سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ ئي طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قومن کي ڪڍي ڇڏيائين. 29اوهان کي معلوم هجي تہ جيڪي بہ ماڻهو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪم ڪندا تہ انهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو. 30تنهنڪري اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو ۽ انهن مڪروهہ رسمن تي عمل نہ ڪجو جيڪي اوهان کان اڳي ادا ڪيون وينديون هيون. اوهين پاڻ کي انهن جي ڪري پليت نہ ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 18: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in