YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 19

19
ٻيا مختلف قانون
1 خداوند موسيٰ کي 2#لاو 11‏:44‏-45، 1.پط 1‏:16 بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان. 3#خر 20‏:8‏،12، شر 5‏:12‏،16 اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 4#لاو 26‏:1، خر 20‏:23، 34‏:17، شر 27‏:15 اوهين مون کي ڇڏي بتن ڏانهن نہ ڦرجو ۽ نڪي پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ جا پلٽيل معبود بڻائجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
5جڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني ذبح ڪريو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح پيش ڪجو جو اها اوهان جي طرفان مون وٽ قبول پوي. 6جنهن ڏينهن اها قرباني ڪئي وڃي، تنهن ڏينهن يا ان جي ٻئي ڏينهن ان جو گوشت کاڌو وڃي. پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ بچي پوي تہ انهيءَ کي ساڙيو وڃي. 7ٽئين ڏينهن انهيءَ مان ذرو بہ نہ کاڌو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو حرام آهي ۽ اها قرباني قبول نہ ڪئي ويندي. 8جيڪو بہ اهو کائيندو سو پنهنجي سر تي گناهہ کڻندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ جي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.
9 # لاو 23‏:22، شر 24‏:19‏-22 جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو. 10اوهين پنهنجي انگورن جي باغ جا رهجي ويل ڇڳا ٻيهر ڇني گڏ نہ ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جا ڪريل داڻا چونڊي کڻجو. اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
11 # خر 20‏:15‏،16، شر 5‏:19‏،20 اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان دوکو ڪجو ۽ نہ وري ڪوڙ ڳالهائجو. 12#خر 20‏:7، شر 5‏:11، مت 5‏:33 اوهين منهنجو نالو وٺي ڪوڙو قسم نہ کڻجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان. 13#شر 24‏:14‏-15 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو. 14#شر 27‏:18 اوهين ٻوڙي کي ملامت نہ ڪجو، نڪي انڌي جي اڳيان ٿاٻي کائڻ جهڙي ڪا شيءِ رکجو. مون پنهنجي خدا جي خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.
15 # خر 23‏:6‏-8، شر 16‏:19 اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي‌انصافي نہ ڪجو، نہ تہ ڪنهن غريب جي پاسخاطري ڪجو، نہ وري ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو لحاظ ڪجو، بلڪ پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪجو. 16اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.
17 # مت 18‏:15 اوهين پنهنجي قوم واري جي لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بغض نہ رکجو، پر انهيءَ کي ڇينڀيندا ضرور رهجو، انهيءَ لاءِ تہ سندس لحاظ ڪرڻ سان متان اوهين پنهنجي سر تي گناهہ کڻو. 18#مت 5‏:43، 19‏:19، 22‏:39، مر 12‏:31، لو 10‏:27، رو 13‏:9، گل 5‏:14، يع 2‏:8 اوهين پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺجو، نڪي انهن سان ڪينو رکجو، بلڪ اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.
19 # شر 22‏:9‏-11 اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪجو. اوهين پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس جي جانور سان لڳ نہ ڪرائجو، نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي پوکجو ۽ نہ ئي وري اوهين ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ پائجو. 20جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙيءَ عورت سان زنا ڪري، جيڪا ٻانهي هجي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان مڱيل هجي، پر هوءَ اڃا تائين ڇڏايل يا آزاد ٿيل نہ هجي، تڏهن انهن کي سزا ڏني وڃي. پر انهن کي قتل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اها عورت آزاد نہ هئي. 21پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي. 22ڪاهن انهيءَ قربانيءَ واري گھٽي سان، منهنجي حضور ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جي گناهہ لاءِ ڪفارو ادا ڪري. تڏهن کيس پنهنجي گناهہ جي معافي ملندي.
23جڏهن اوهين ملڪ ڪنعان ۾ پهچي طرح طرح جي ميون جا وڻ پوکيو، تڏهن انهن جو ميوو ٽن سالن تائين اوهان جي لاءِ #19‏:23 حرام عبراني ٻوليءَ ۾ ”اڻ‌طهريل“ لکيل آهي.حرام هوندو، سو اوهين اهو نہ کائجو. 24پر چوٿين سال انهن جو سمورو ميوو مون خداوند جي واکاڻ طور پيش ڪرڻ لاءِ اهو مخصوص ڪيو ويندو. 25پوءِ پنجين سال اوهين ڀلي انهيءَ جو ميوو کائجو. جيڪڏهن اوهين ائين ئي ڪندا تہ انهن وڻن جي پيداوار اوهان لاءِ وڌي ويندي. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
26 # پيد 9‏:4، لاو 7‏:26‏-27، 17‏:10‏-14، شر 12‏:16‏،23، 15‏:23، 18‏:10 اوهين ڪنهن بہ طرح رت نہ کائجو پيئجو. اوهين نڪي فال ڪڍجو ۽ نہ ڪا جادوگري ڪجو. 27‏-28#لاو 21‏:5، شر 14‏:1 اوهين پنهنجي جسم تي ڏينڀوڙين جا نشان نہ ڪڍائجو. اوهين مئلن جي لاءِ غير قوم وارن جيان پنهنجي جسم کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو ۽ نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙجو. آءٌ خداوند آهيان.
29 # شر 23‏:17 اوهين پنهنجي ڌيئرن کي ڪسبياڻي بڻائي کين بي‌آبرو نہ ڪجو، متان ملڪ ۾ زناڪاري ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ بڇڙائيءَ سان ڀرجي وڃي.
30 # لاو 26‏:2 اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو ۽ منهنجي مقدس خيمي جي تعظيم ڪجو. آءٌ خداوند آهيان. 31#شر 18‏:11، 1.سم 28‏:3، 2.با 23‏:4، يس 8‏:19 اوهين مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ڏانهن مائل نہ ٿجو، نڪي ڀوپن جي ڳولا ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن کان ناپاڪ ٿيندا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
32اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.
33 # خر 22‏:21، شر 24‏:17‏-18، 27‏:19 جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان جي ملڪ ۾ اچي رهي، تہ انهيءَ کي نہ ستائجو. 34اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
35 # شر 25‏:13‏-16، چوڻ 20‏:10، حز 45‏:10 اوهين ڪنهن بہ فيصلي ڪرڻ وقت ماپ، تور ۽ ڳڻپ ۾ بي‌انصافي نہ ڪجو. 36اوهان جون تارازيون، وٽ ۽ ماپا بلڪل صحيح هجن. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي. 37سو اوهين منهنجا سڀيئي قانون ۽ حڪم مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 19: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in