5
(خداوند پاران واعدي مطابق مقرر ڪيل حڪمران)
1اي يروشلم جا رهاڪؤ!
پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪري تيار ٿيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهان جي دشمن لشڪرن اچي
اوهان جو گھيرو ڪيو آهي.
اهي بني اسرائيل جي حڪمران جي بيعزتي ڪري
سندس ڳلن تي لڪڻ هڻندا.
2 #
مت 2:6، يو 7:42 پر هوڏانهن خداوند #5:2 بيتلحم اِفرات بيتلحم دائود بادشاهہ جو اصلي شهر هو ۽ سندس خاندان افراتي گھراڻي مان هو.بيتلحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ
”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين،
تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو،
جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو.
انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“
3خداوند پنهنجي قوم کي تيستائين
سندن دشمنن جي هٿ ۾ ڇڏي ڏيندو،
جيستائين اهو حڪمران پنهنجي ماءُ جي پيٽان نہ ڄمي.
پوءِ حڪمران جي قوم وارا جيڪي جلاوطنيءَ ۾ آهن،
سي موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ٿيندا،
۽ باقي اتي رهيل بني اسرائيل سان گڏ رهندا.
4تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت
۽ سندس نالي جي عظمت سان
هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو.
پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي،
ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو
انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.
5بيشڪ انهيءَ جي اچڻ سان خوشحالي ۽ سلامتي ملندي.
(اشور وارن کان آزادي)
جڏهن اشوري اسان بني اسرائيل جي ملڪ تي اچي حملو ڪندا
۽ اسان جي ڪوٽن وارن شهرن ۾ گھڙي ايندا،
تڏهن اسين پنهنجي گھڻن ئي طاقتور سالارن جي اڳواڻيءَ ۾
سندن مقابلو ڪنداسين.
6 #
پيد 10:8-11
انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي،
بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو.
هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي
اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا،
تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.
(جلاوطنيءَ ۾ بني اسرائيل کي طاقت ملڻ)
7بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو،
جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا،
تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو،
جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن.
اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.
8جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا،
تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا،
جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن
يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي.
جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي
چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي،
۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.
9اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي دشمنن تي غالب پوندا،
۽ سڀني کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.
(بني اسرائيل مان پليتي ڪڍڻ)
10 خداوند فرمائي ٿو تہ
”انهيءَ وقت آءٌ اوهان جا گھوڙا،
بلڪ اوهان جون جنگي گھوڙي گاڏيون ناس ڪري ڇڏيندس،
جن تي اوهين توڪل رکو ٿا.
11اوهان جي ملڪ جا شهر ۽ مضبوط قلعا،
جن ۾ حفاظت جي لحاظ کان اوهان کي ڀروسو آهي،
تن سڀني کي آءٌ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.
12آءٌ اوهان مان جادوگريءَ وارا ڪم ختم ڪري ڇڏيندس،
۽ نہ وري اڳتي اوهان ۾ ڪو فال وجھندڙ ئي رهندو.
13-14آءٌ اوهان جون تراشيل مورتيون،
ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر،
۽ يسيرہ نالي اوهان جي ديويءَ جا کوڙيل بت
ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس.
بلڪ آءٌ اوهان جا بتپرستيءَ وارا شهر بہ ناس ڪري ڇڏيندس.
اوهين اڳتي وري ڪڏهن بہ پنهنجي هٿن سان
جوڙيل شين جي پوڄا نہ ڪندا.
15بلڪ آءٌ پنهنجو قهر وَ غضب نازل ڪري
انهن قومن کان بدلو وٺندس،
جن منهنجي نافرماني ڪئي آهي.“