6
بني اسرائيل خلاف خداوند جو مقدمو
(6:1–6:16)
(خداوند کي عدالت ۾ سڏ)
1اي دنيا جي مخلوق! خداوند جو مقدمو ٻڌو.
اي خداوند! اچي پنهنجي قوم خلاف شڪايت ائين ٻڌاءِ
جو جبل ۽ ٽڪر تنهنجو آواز ٻڌن.
2اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو،
ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو.
هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.
3خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي منهنجي قوم!
آءٌ اوهان سان ڪهڙو غلط هليو آهيان؟
مون اوهان تي ڪهڙو ٻوجھہ وڌو آهي؟
اوهين مون تي ثابت ڪريو.
4 #
خر 4:10-16، 12:50-51، 15:20 آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس،
جتي اوهين غلام هئا.
مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ،
هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.
5 #
ڳا 22:2–24:25، يش 3:1–4:19 اي منهنجي قوم! ياد ڪريو تہ
موآب جي بادشاهہ بلق
اوهان بابت ڪهڙا بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙيا هئا،
۽ بلعام ولد بعور هن کي ڪهڙي ورندي ڏني هئي.
اهو بہ ياد ڪريو تہ شطيم کان جِلجال تائين
اوهان سفر ڪندي ڪهڙي نموني اردن درياءُ پار ڪيو.
پوءِ اوهين مڃيندا تہ
اوهان کي بچائڻ لاءِ مون خداوند ڇا ڇا ڪيو.“
(بني اسرائيل جو سوال ۽ خداوند جو جواب)
6پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ
”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون
تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟
ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا
ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟
7ڇا خداوند هزارين گھيٽن
يا زيتون جي تيل جون نديون پيش ڪرڻ سان
اسان تي راضي ٿيندو؟
ڇا اسين پنهنجي گناهن جي عيوض
پنهنجا پهريتا ٻار سندس آڏو پيش ڪريون،
جيڪي اسان کي پنهنجيءَ جان کان بہ وڌيڪ پيارا آهن؟“
8اي انسانؤ!
خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ
هو اسان کان ڇا ٿو چاهي.
خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ
ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ
اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون،
رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون،
۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.
(خداوند جو بني اسرائيل کي ڏوهي قرار ڏيڻ)
9اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي.
خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ
”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ!
منهنجو هي پيغام ٻڌو.
10بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بيايمانيءَ سان
حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن.
هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن،
جن کان مون کي نفرت آهي.
11ڇا اهڙين ٺڳيءَ وارين تارازين
۽ کوٽن وٽن جا ٿيلها رکڻ وارن کي آءٌ خداوند وساري ڇڏيان؟
12اوهان جي شاهوڪار ماڻهن
غريبن تي ظلم وَ زبردستي پئي ڪئي آهي.
اوهين سڀ ڪوڙا آهيو،
۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون پيا ڪريو.
13تنهنڪري اوهان جي گناهن سبب
آءٌ بہ اوهان کي موتمار زخم رسائي
تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.
14اوهين کائيندا، پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو،
بلڪ اوهان جو پيٽ بکيو ئي رهندو.
اوهين ڪفايت ڪري ميڙيندا،
پر اوهان وٽ بچندو ڪجھہ بہ ڪونہ.
هائو، اوهان جي هر بچائي رکيل شيءِ
آءٌ جنگ ۾ تباهہ ڪري ڇڏيندس.
15اوهين پوکيندا، پر لڻندا ڪجھہ بہ ڪين.
اوهين زيتون جو تيل تہ لتاڙي ڪڍندا،
پر اهو استعمال ڪري نہ سگھندا.
اوهين انگورن مان مئي تہ ٺاهيندا،
پر اها پيئي نہ سگھندا.
16 #
1.با 16:23-34، 21:25-26 اي يروشلم وارؤ!
اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو،
جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري
۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي
گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي.
جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو،
تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي
تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.
پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا،
۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“