YouVersion Logo
Search Icon

ميڪاہ 7

7
بني اسرائيل جي بڇڙاين تي مرثيو
1حيف آهي منهنجي حال تي!
ڇاڪاڻ تہ آءٌ ميڪاہ اهڙي بکايل وانگر آهيان،
جيڪو گرميءَ جا ميوا پٽجي وڃڻ،
يا انگور چونڊجي وڃڻ کان پوءِ انهن ميون جو بکايل رهي ٿو.
هائو، هن جي کائڻ لاءِ نہ ڪو انگورن جو ڇڳو بچيو آهي،
۽ نہ ئي پهريان پڪل دل کي وڻندڙ انجير ئي آهن.
2ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي.
هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي.
هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي،
۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ
هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.
3هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن،
عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن،
۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن.
انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.
4بلڪ جيڪي بہ انهن مان نيڪ ۽ سچا سمجھيا وڃن ٿا،
سي بہ ڪنڊي ڪانڊيري جي ٻوٽي مثل خراب آهن.
انهيءَ ڪري اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي
جڏهن خدا انهن کي سزا ڏيندو،
جنهن بابت سندن نگهبانن يعني نبين جي معرفت
خدا کين اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو.
سزا واري ڏينهن انهن کي حيراني وَ پريشاني وٺي ويندي.
5سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو،
توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي.
اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو،
توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.
6 # مت 10‏:35‏-36، لو 12‏:53 هنن ڏينهن ۾ پٽ پنهنجي پيءُ جي بي‌عزتي ٿو ڪري،
ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان ۽ ننهن پنهنجي سس سان
وڙهڻ لاءِ تيار بيٺي آهي.
مطلب تہ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ئي ڀاتي آهن.
7باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي،
هو ئي مون کي بچائيندو.
هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس،
خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.
بني اسرائيل جي بحالي
8اي اسان جا دشمنؤ!
اسان جي مشڪلاتن تي خوشيون نہ ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اسين ڪري پيا آهيون،
تڏهن بہ خدا اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو.
ڀلي کڻي هن وقت اسين اونداهيءَ ۾ آهيون،
پر خداوند اسان کي روشني عطا ڪندو.
9جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي،
سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين،
ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي.
هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو،
۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو.
بيشڪ هن جي ئي هٿان
اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.
10تڏهن اي اسان جا دشمنؤ!
اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا.
هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ
خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“
سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.
11اي يروشلم جا رهاڪؤ!
شهر جي ڀتين جي نئين سر تعمير جو وقت اچي رهيو آهي.
انهيءَ وقت اوهان جي علائقي جون حدون وڌايون وينديون.
12انهن ڏينهن ۾ اوهان جي قوم جا جلاوطن ٿيل ماڻهو
هر طرف کان اوهان وٽ موٽي ايندا.
هائو، اهي اوڀر طرف اشور مان،
ڏکڻ طرف مصر مان،
بلڪ مصر کان وٺي اشور جي فرات نديءَ تائين
سڄي علائقي کان ۽
ڏورانهن سمنڊن کان توڙي پري پري جي جابلو علائقن کان
اوهان وٽ موٽي ايندا.
13پر انهن قومن جا ملڪ جتان اهي موٽي ايندا،
سي بڇڙن عملن جي ڪري ويران ٿي ويندا.
ميڪاہ جي دعا
14اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر.
اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ.
اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن،
پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون.
تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي
بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل.
هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.
15اي خداوند! اسان کي پنهنجا معجزا ڏيکار،
جيئن تو انهن ڏينهن ۾ ڏيکاريا هئا،
جڏهن تون اسان کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئين.
16ٻيون قومون تنهنجا اهي معجزا ڏسنديون،
۽ پنهنجي پوري طاقت جي باوجود هر ڳالهہ هارائي ويهنديون.
شرمندگيءَ ۽ دهشت وچان اهي گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويندا.
17اهي پنهنجن مضبوط قلعن منجھان
مٽيءَ ۾ سرندڙ نانگن ۽ جيتن وانگر
ڏڪندي ۽ ڊڄندي ٻاهر نڪري ايندا.
هائو، اهي خوف وچان ڏڪندي
تو خداوند اسان جي خدا جا اچي تابعدار ٿيندا.
18اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ.
تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين.
هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين.
تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين،
بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.
19تون وري اسان تي رحم ڪري
اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين.
بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين،
۽ اسان جي سمورين خطائن کي
سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.
20تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن،
تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي
وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو،
تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.

Currently Selected:

ميڪاہ 7: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in