1
1 #
يس 10:5-34، 14:24-27، صف 2:13-15 هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.
نينواہ شهر تي خدا جي ڪاوڙ
2 خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي،
هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي.
خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو،
۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.
3 خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي،
۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو.
خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا،
۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا.
4هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن،
بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا.
بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا،
۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.
5هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا،
۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا.
زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي،
هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي.
6ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟
ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟
هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي،
۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.
7بيشڪ، خداوند ڀلو آهي.
هو مصيبت جي وقت جاءِپناهہ آهي.
جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو.
8پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي
موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو.
9اي نينواہ وارؤ!
توهين خداوند خلاف ڪهڙا بہ کڻي منصوبا رٿيو،
پر هو توهان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏيندو،
جو وري اوهان ڪر کڻي نہ سگھندا.
10جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو،
۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو،
تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا.
11اي نينواہ!
تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص نڪري نروار ٿيو آهي،
جيڪو خداوند جي خلاف منصوبا ٿو رٿي،
۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ لاءِ اُڪسائي ٿو.
يهوداہ وران لاءِ خوشخبري
12 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يهوداہ وارؤ! توڙي جو نينواہ وارا ڪيترا بہ زورآور
۽ تعداد ۾ گھڻا ڇو نہ هجن،
تہ بہ هو تباهہ ۽ ناس ٿي ويندا.
جيتوڻيڪ مون اوهان کي ڏک ڏنو آهي،
تڏهن بہ هاڻي اوهان کي وڌيڪ ڏکي نہ ڪندس.
13هاڻ آءٌ هنن جي پاڃاري
اوهان جي ڳچيءَ مان لاهي ڀڃي ڇڏيندس،
۽ اوهان جا بند ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس.“
14 خداوند نينواہ جي باري ۾ فرمان جاري ڪري ٿو تہ
”اي نينواہ! تون بلڪل نيچ آهين،
تنهنجي رهاڪن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو.
آءٌ تنهنجي معبودن جي گھرن ۾ رکيل اُڪريل مورتين
۽ پلٽيل بتن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس.
آءٌ تنهنجي قبر تيار ڪريان ٿو.“
15 #
يس 52:7
ڏسو، هنن جبلن ڏانهن نهاريو ۽ انهيءَ ڏانهن ڏسو،
جيڪو خوشخبري آڻي ٿو،
هائو، جيڪو امن جي خوشخبري آڻي ٿو.
اي يهوداہ وارؤ!
توهين ڀلي پنهنجيون عيدون ملهايو ۽ باسون پوريون ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ آئيندہ اهي بڇڙا توهان تي حملو ڪري نہ سگھندا،
ڇو تہ کين هميشہ جي لاءِ ناس ڪيو ويو آهي.