2
نينواہ جي زوال جي اڳڪٿي
1اي نينواہ! تون ڀلي پنهنجي قلعي جي حفاظت ڪر،
۽ رستي ڏانهن نظر رک،
تون ڀلي پنهنجو سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ،
۽ پنهنجي سموري طاقت هڪ هنڌ جمع ڪر.
مگر تون بچي نہ سگھندين،
ڇو تہ تو کي تباهہ ڪندڙ تو ڏانهن وڌندو ٿو اچي.
2پر يقيناً خداوند بني اسرائيل جون رونقون
اڳي وانگر وري بحال ڪندو،
توڙي جو تباهي ڪندڙن کين ويران ڪري ڇڏيو آهي،
۽ سندن شاخون وڍي ڇڏيون آهن.
3اي نينواہ!
تنهنجي دشمنن جا لشڪر حملو ڪرڻ وارا آهن،
هنن جون ڍالون ڳاڙهيون آهن،
۽ سندن جنگي جوانن کي ڳاڙهي پوشاڪ پهريل آهي.
سندن جنگي گھوڙي گاڏين تي لڳل فولاد
شعلي جيان چمڪندڙ آهي،
۽ هنن جا نيزا اُڀا ٿيل آهن.
4هنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون
ڇوهہ مان رستن تي ڊوڙن ٿيون،
چونڪن وٽان هيڏانهن هوڏانهن اچن وڃن ٿيون.
اهي گاڏيون ڏسڻ ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر آهن،
۽ وڄ وانگر چمڪن ٿيون.
5لشڪر جا چونڊ سالار حملي ڪرڻ لاءِ سڏايا وڃن ٿا،
اهي جوش وچان ڪاهيندي ٿاٻڙجيو ٿا پون.
اهي جلدي جلدي مٿي چڙهڻ لاءِ
ڪوٽ جي لڳولڳ دِڪا ٺاهين ٿا.
6جڏهن دريائن جا بند ٽوڙيا ٿا وڃن،
تڏهن محلاتن ۾ هيبت ۽ ڏهڪاءُ ٿو پکڙجي وڃي.
7اتي جي راڻيءَ کي بيحرمتو ڪري ۽ قيدي بڻائي نيو وڃي ٿو.
راڻيءَ جون ٻانهيون ڳيرين وانگر روئندي ماتم ڪن ٿيون،
۽ پنهنجيون ڇاتيون پٽين ٿيون.
8نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي،
جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي.
کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“
تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.
9چيو وڃي ٿو تہ ”چاندي لٽيو، سون لٽيو،
دولت جي ڪا کوٽ ڪونهي ۽ نہ خزانو کٽڻ جو آهي.“
10هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي!
شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن،
جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.
11هاڻ انهن شينهن جي غار ڪٿي آهي،
جتي هو پنهنجن ٻچن سميت رهندا آهن؟
هائو، اها جاءِ ڪٿي آهي،
جتي هو پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن،
۽ جتي کين ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي؟
12شينهَن پنهنجن ٻچڙن جي کاڌي لاءِ گھڻن ئي کي ماريو آهي،
۽ پنهنجين مادين لاءِ گھڻو ئي شڪار ڪيو اٿن،
هنن پنهنجي غار ۽ چُر شڪار سان ڀري ڇڏيون آهن.
13قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“