YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 18

18
ڪاهنن ۽ لاوين جا فرض
1 خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي. 2جڏهن انهيءَ مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ تون ۽ تنهنجا پٽ خدمت ڪندا هجو، تڏهن تون پنهنجي مائٽن يعني اباڻي لاوي قبيلي وارن کي پاڻ سان گڏ آڻيندو ڪر تہ جيئن اهي تنهنجي خدمت ڪندا رهن. 3هو تنهنجي مدد ڪن ۽ سڄي خيمي جي سنڀال ڪن. پر هو مقدس خيمي جي مخصوص شين ۽ قربان‌گاهہ جي ويجھو نہ اچن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي مري نہ وڃن ۽ انهن سان گڏ اوهين بہ مري وڃو. 4اُهي تو سان ڪم ۾ شريڪ ٿين ۽ مقدس خيمي جي سنڀال ۽ سڀڪا خدمت ڪن، پر ٻيو ڪوبہ اوهان سان گڏ ڪم نہ ڪري. 5تون ۽ تنهنجا پٽ مقدس خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي سنڀال ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي منهنجو غضب نازل نہ ٿئي. 6مون اوهان جي مائٽن يعني بني لاويءَ کي بني اسرائيل مان بخشش طور اوهان جي لاءِ چونڊي کنيو آهي. اهي مون خداوند جي لاءِ وقف آهن، تہ جيئن مقدس خيمي ۾ خدمت ڪن. 7پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“
8 خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ تو کي اُهي سڀ شيون ڏيان ٿو جيڪي مون آڏو مخصوص قربانين طور پيش ڪيون ويون آهن. مون اهي تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهنيءَ جو حق ڪري ڏنيون آهن. 9جيڪو حصو مون لاءِ ئي مخصوص قربانين مان قربان‌گاهہ تي نہ سڙيو هجي سو اوهان جو ٿيندو، يعني اهي سموريون مون لاءِ ئي مخصوص قربانيون جيڪي هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، چاهي اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني هجي، تن مان اهو حصو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو ٿيندو. 10اهو حصو مون لاءِ ئي مخصوص آهي سو اهو رڳو مرد ئي کائين. انهيءَ حصي کي پاڪ سمجھہ. 11انهيءَ کان سواءِ اُهي سڀ نذرانا جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. مون اهي تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنا آهن. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي کائي.
12 زيتون جي تيل، مئي ۽ اناج مان سڀ کان بهترين يعني پهرين پيداوار بني اسرائيل مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا آهن سا آءٌ تو کي ڏيان ٿو. 13انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا جيڪي اُهي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي اُهي کائي.
14 # لاو 27‏:28 بني اسرائيل جي هر ڪا شيءِ جا مون خداوند جي لاءِ وقف ڪئي ويندي سا تنهنجي ٿيندي.
15هر پهريتو ٻار يا جانور، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند جي لاءِ نذر ڪندا سو تنهنجو ٿيندو. پر تون پهريتن ٻارن لاءِ عيوضو وٺي کين ڇڏي ڏي ۽ ناپاڪ جانور جي پهريتي ڦر لاءِ بہ عيوضو وٺ. 16اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي. 17پر ڳئون، رڍ ۽ ٻڪريءَ جي پهريتن ڦرن جو تون عيوضو نہ وٺ، اهي مخصوص آهن. اهي قربان ڪيا وڃن ۽ انهن جو رت تون قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ڇڏ ۽ انهن جي چرٻي قربانيءَ طور ساڙي ڇڏ تہ مون خداوند لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. 18هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ واري سيني ۽ ساڄي ران وانگر، انهن جو گوشت بہ تنهنجو ٿيندو. 19مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“ 20خداوند هارون کي فرمايو تہ ”اوهان ڪاهنن کي ڪابہ ملڪيت ورثي ۾ نہ ملندي ۽ اوهان کي بني اسرائيل جي ملڪ مان ڪوبہ حصو نہ ڏنو ويندو. آءٌ خداوند ئي اوهان جي لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان.“
بني لاويءَ جو حصو
21 # لاو 27‏:30‏-33، شر 14‏:22‏-29 خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن. 22اڳتي ٻيا بني اسرائيل مون سان ملاقات واري خيمي جي ويجھو نہ اچن، نہ تہ پاڻ تي گناهہ کڻي انهيءَ جي سزا ۾ مري ويندا. 23رڳو لاوي ئي مون سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪن ۽ انهن جي خطا جي سڄي ذميواري سندن تي ئي آهي. اهو هميشہ جو قانون آهي جيڪو اوهان جي اولاد سان بہ لاڳو رهندو. بني اسرائيل مان لاوين کي ڪابہ مستقل ملڪيت نہ ملندي. 24ڇاڪاڻ تہ ڏهون حصو، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند لاءِ خاص نذرانو پيش ڪندا آهن سو مون کين ورثو ڪري ڏنو آهي. انهيءَ ڪري مون انهن بابت چيو آهي تہ کين بني اسرائيل ۾ ڪابہ مستقل ملڪيت ڪانہ ملندي.“
بني لاويءَ جو ڏهون حصو
25 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 26”تون لاوين کي هي بہ چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جيڪو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذراني طور انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو. 27#ڳا 18‏:12 اوهان جو اهو نذرانو ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار جي قربانيءَ جي برابر سمجھيو ويندو. 28اهڙيءَ طرح جيڪي ڏهان حصا اوهان کي بني اسرائيل کان ملن، تن سڀني مان اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذرانو پيش ڪجو. اهو خاص نذرانو اوهين هارون ڪاهن کي ڏيندا رهجو. 29جيڪي اوهان کي ملي ان جو بهترين حصو جيڪو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي سو مون کي ڏجو.‘ 30#ڳا 18‏:12 سو لاوين کي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بهترين حصو پيش ڪري چڪو تہ ڏهن حصن مان باقي بچيل اوهان جي پنهنجي ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار سمجھيو ويندو. 31اهو اوهين ۽ اوهان جا گھراڻا ڀلي هر ڪنهن هنڌ وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي انهيءَ خدمت جو معاوضو آهي جا اوهين مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪريو ٿا. 32جڏهن اوهين انهيءَ مان بهترين حصو مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندءُ تہ اوهان تي ڪوبہ گناهہ نہ ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي مخصوص نذرانن مان اهو حصو پاڻ کڻي انهن نذرانن کي ناپاڪ ڪندا تہ اوهين مري ويندا.‘“

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 18: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in