YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 19

19
ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ جي تياري
1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 2”جنهن شرعي قانون جو مون خداوند حڪم ڏنو آهي، تنهن موجب اوهين بني اسرائيل کي چئو تہ هو اوهان وٽ هڪڙِي بي‌عيب ڳاڙهي گابِي آڻين، جنهن تي ڪوبہ داغ نہ هجي ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ پاڃاري ڪانہ آئي هجي. 3اوهين اها آڻي اليعزر ڪاهن کي ڏيو. هو انهيءَ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪاهي وڃي ۽ اها هن جي روبرو ذبح ڪئي وڃي. 4اليعزر ڪاهن هن جي رت مان ڪجھہ پنهنجي آڱر تي کڻي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون واري پاسي ست ڀيرا ڇنڊا هڻي. 5پوءِ اُها گابي هن جي روبرو ساڙي وڃي. انهيءَ جي کل، گوشت، رت ۽ اوجھہ سڀ ساڙيا وڃن. 6ڪاهن چندن جي ڪاٺي، زوفا جي ٽاري ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ جي وچ تي اڇلائي. 7پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ اچي. پر تنهن هوندي بہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو. 8جنهن انهيءَ گابيءَ کي ساڙيو هجي سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. پر تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.
9 # عبر 9‏:13 جيڪو ماڻهو پاڪ هجي سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري خيمي‌گاهہ جي ٻاهران ڪنهن پاڪ جاءِ تي رکي. اها بني اسرائيل لاءِ ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ ۾ استعمال ڪرڻ واسطي رکي رهي. اها رک ئي پاڪائيءَ جي لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي. 10جنهن انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪئي هجي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، پر تنهن هوندي بہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. هي بني اسرائيل جي لاءِ ۽ جيڪي ڌاريا منجھن رهندا هجن، تن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.“
ناپاڪي
11”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهندو سو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو. 12هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ رک واري پاڻيءَ سان صاف ڪري تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. پر جيڪڏهن هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي صاف نہ ڪندو تہ پاڪ نہ ٿيندو. 13جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.
14جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو. 15تنبوءَ ۾ سڀڪو کُليل ٿانءُ جنهن مٿان ڍڪ نہ هوندو سو بہ ناپاڪ ٿيندو. 16جيڪڏهن ڪو جھنگ ۾ تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي يا پنهنجي موت مئل ماڻهوءَ جي لاش کي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي هڏي کي يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.
17 # عبر 9‏:13 اهڙي ناپاڪ ماڻهوءَ جي لاءِ انهيءَ ڳاڙهي گابيءَ، جيڪا پاڪائيءَ جي لاءِ ساڙي ويئي هئي، تنهن جي رک مان ڪجھہ کڻي هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌي وڃي ۽ انهيءَ ۾ ڪجھہ وهندڙ پاڻي بہ وڌو وڃي. 18پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي. 19پاڪ ماڻهو ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ ناپاڪ ماڻهوءَ تي اهو پاڻي ڇٽڪاري ۽ ستين ڏينهن هو انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. انهيءَ ڏينهن تي پاڪ ٿيڻ وارو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ شام جو هو پاڪ ٿي ويندو. 20پر جيڪڏهن ڪو ناپاڪ هجي ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪرائي تہ اهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇو تہ هن مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ڪيو آهي. جيئن تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي مٿس نہ ڇٽڪاريو ويو آهي انهيءَ ڪري هو ناپاڪ آهي. 21هي اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.
جيڪو ماڻهو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇٽڪاري سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي. جيڪو ماڻهو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 22ناپاڪ ماڻهو جنهن بہ شيءِ کي ڇهندو سا ناپاڪ ٿيندي ۽ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ناپاڪ ٿيل شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.“

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 19: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in