YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 31

31
مديانين کان وير وٺڻ
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”مديانين کان بني اسرائيل جو وير وٺ. وير وٺڻ کان پوءِ تون وفات ڪري پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين.“
3سو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ مان ڪن کي هٿيار ٻڌائي مديانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو، تہ جيئن هو مديانين کان خداوند جو وير وٺن. 4اوهين بني اسرائيل جي هر هڪ قبيلي منجھان هڪ هزار ماڻهو جنگ ۾ موڪليو.“ 5سو بني اسرائيل جي هزارين ماڻهن مان سندن هر هڪ قبيلي منجھان هڪ هزار ماڻهو چونڊيا ويا، اهڙيءَ طرح ٻارهن هزار ماڻهو جنگ جي لاءِ تيار ڪيا ويا. 6موسيٰ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي انهن سان گڏ جنگ تي موڪليو، جنهن عبادت‌گاهہ جا مخصوص ٿيل ٿانوَ ۽ اشاري ڏيڻ لاءِ توتارا پاڻ سان کنيا. 7سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هو مديانين سان وڃي وڙهيا ۽ انهن جا سڀ مرد ماري ڇڏيائون. 8انهن مئلن ۾ مديان جا پنج بادشاهہ اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع بہ هئا. هنن بعور جي پٽ بلعام کي بہ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو.
9بني اسرائيل جي انهن جنگي جوڌن مديانين جون عورتون ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا. انهن جا سمورا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪاهيائون ۽ سندن ٻيو سمورو سامان مالِ‌غنيمت ڪري کنيائون. 10هنن مديانين جا سڀ رهڻ وارا شهر ۽ خيمي‌گاهہ بہ ساڙي ڇڏيا. 11هو لُٽ جو سمورو مال، سڀ قيدي ۽ جانور ساڻ ڪري 12يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري موآب جي ميدان ۾ موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.
13تڏهن موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سمورا اڳواڻ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هنن جو استقبال ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. 14موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو. 15هن کين چيو تہ ”ڇو اوهان سڀني عورتن کي جيئرو ڇڏيو آهي. 16#ڳا 25‏:1‏-9 انهن عورتن ئي تہ بلعام جي چوڻ تي پعور واري ڳالهہ ۾ قوم کي پنهنجي خداوند کان ڦيري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند جي قوم ۾ وبا پيئي هئي. 17سو اوهين ٻارن مان سڀني ڇوڪرن کي ۽ انهن عورتن کي جيڪي مردن سان ستيون آهن ماري ڇڏيو، 18پر انهن سڀني ڇوڪرين کي پنهنجي لاءِ جيئرو ڇڏيو جيڪي ڪنواريون آهن. 19اوهان مان اهي سڀ جن ڪنهن کي ماريو هجي يا ڪنهن لاش کي هٿ لاتو هجي، سي ست ڏينهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهن. اهي ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي پاڻ کي ۽ قيدياڻين کي پاڪ ڪن. 20اوهين پنهنجن سڀني ڪپڙن کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي چمڙي، ڏاس ۽ ڪاٺ مان ٺهيل هجن پڻ پاڪ ڪريو.“
21جيڪي لشڪر جا ماڻهو جنگ تي ويا هئا تن کي اليعزر ڪاهن چيو تہ ”هي آهن شريعت جا اُهي قاعدا جن جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو آهي: 22سون، چاندي، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو 23۽ هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙي نہ وڃي، سا باهہ مان لنگھائجي تہ پاڪ ٿي ويندي. تڏهن بہ اها ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پڻ ضرور پاڪ ڪئي وڃي. پر هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙڻ جهڙي هجي سا رڳو انهيءَ پاڻيءَ سان پاڪ ڪئي وڃي. 24ستين ڏينهن تي اوهين پنهنجا ڪپڙا ڌوئو، پوءِ اوهين پاڪ ٿيندا. تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿجو.“
مالِ‌غنيمت جي ورهاست
25 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 26”تون اليعزر ڪاهن ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ لُٽ ۾ هٿ آيل ماڻهن ۽ جانورن جو شمار ڪر. 27تون اهو مالِ‌غنيمت ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهاءِ. هڪڙو حصو انهن جنگي جوانن کي ڏي جيڪي جنگ تي ويا هئا ۽ ٻيو حصو باقي قوم کي ڏي. 28جيڪي جنگي جوان جنگ تي ويا هئا، تن جي حصي منجھان، خواهہ اهو قيدي ماڻهن جو حصو هجي توڙي ڍورن ڍڳن جو، گڏهن جو حصو هجي توڙي رڍن ٻڪرين جو، تنهن مان هر پنجن سون تي هڪڙو مون خداوند جي خاص نذراني طور اُڳاڙ. 29جنگي جوانن واري اڌ حصي مان اهي وٺي مون خداوند جي خاص نذراني طور اليعزر ڪاهن کي ڏي. 30باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيمي‌گاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“ 31سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
32جنگي جوانن پنهنجي لاءِ کنيل مال کان علاوہ جيڪو مالِ‌غنيمت هٿ ڪيو ۽ جنهن کي ورهايو ويو سو سمورو هي هو: ڇهہ لک پنجهتر هزار رڍون ۽ ٻڪريون، 33ٻاهتر هزار ڍور ڍڳا، 34ايڪهٺ هزار گڏهہ 35۽ ٻٽيهہ هزار ڪنواريون ڇوڪريون. 36جيڪي جنگ تي ويا هئا تن کي اڌ حصي ۾ ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون ۽ ٻڪريون آيون، 37جنهن مان خداوند جو حصو ڇهہ سؤ پنجهتر ٿيو. 38سندن حصي ۾ ڇٽيهہ هزار ڍور ڍڳا بہ آيا جن مان خداوند جو حصو ٻاهتر ٿيو. 39سندن حصي ۾ ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ بہ آيا جن مان خداوند جو حصو ايڪهٺ ٿيو. 40سندن حصي ۾ سورهن هزار ڪنواريون ڇوڪريون بہ آيون جن مان خداوند جو حصو ٻٽيهہ ٿيو. 41موسيٰ اليعزر ڪاهن کي اهو حصو خداوند جي خاص نذراني طور ڏنو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
42بني اسرائيل قوم جو اڌ حصو جيڪو موسيٰ جنگي جوانن جي اڌ حصي کان ڌار ڪيو سو هي هو: 43ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون ٻڪريون، 44ڇٽيهہ هزار ڍور ڍڳا، 45ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ 46۽ سورهن هزار ڪنواريون ڇوڪريون. 47موسيٰ انهيءَ اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ جانورن مان ڪڍي جيئن خداوند فرمايو هو تيئن لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي مقدس خيمي جي سنڀال ٿي ڪئي.
48پوءِ لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار موسيٰ وٽ آيا. 49انهن کيس چيو تہ ”جيڪي جنگي جوان اسان جي هٿ هيٺ هئا، تن جو اسان اوهان جي ٻانهن شمار ڪيو آهي. انهن مان هڪڙو بہ کُٽل ناهي. 50سو اسان مان هر هڪ ڄڻي سونا زيور خداوند جي لاءِ نذرانو آندا آهن، جيڪي اسان کي هٿ آيا هئا، يعني بازوبند، چُوڙا، منڊيون، ايرنگَ ۽ هار، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ادا ٿئي.“ 51تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن انهن کان اهي سڀ سونا گھڙيل زيور ورتا. 52نذراني وارو اهو سون جيڪو انهن سالارن پيش ڪيو، تنهن جي جملي تور اٽڪل هڪ سؤ نوي ڪلوگرام هئي. 53پر جنگي جوانن مان هر ڪنهن ڄڻي پنهنجي پنهنجي لاءِ جيڪو لُٽ جو مال کنيو هو سو پاڻ وٽ ئي رکيائون. 54سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن انهن سالارن کان اهو سون ورتو ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ کڻي آيا، تہ جيئن اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل کي ياد رکڻ لاءِ هڪ نشان هجي.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 31: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in