YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 32

32
اردن درياءَ جي اوڀر وارا قبيلا
(شريعت جو دور 3‏:12‏-22)
1روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي، 2تڏهن هو موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ اڳواڻن وٽ آيا ۽ موسيٰ کي چيائون تہ 3‏-4”اهو ملڪ جنهن تي خداوند بني اسرائيل جي هٿان قبضو ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ عطارات، ديبون، يعزير، نمراہ، حشبون، العالي، سبام، نبو ۽ بعون شهر آهن، تنهن جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي. جيئن تہ اسان اوهان جي ٻانهن وٽ گھڻو چوپايو مال آهي، 5سو جيڪڏهن اسان تي توهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ هيءُ ملڪ اسان پنهنجن خادمن کي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏيو ۽ اسان کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ وٺي هلو.“
6تڏهن موسيٰ جد ۽ روبن قبيلي وارن کي چيو تہ ”اوهان جا هم‌قوم ڀائر تہ جنگ تي ويندا ۽ اوهين هتي ويٺا رهندا ڇا؟ 7ڇو اوهين بني اسرائيل کي پار پهچي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بي‌همت ٿا ڪريو، جيڪو ملڪ خداوند هنن کي ڏنو آهي؟ 8#ڳا 13‏:17‏-33 اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ائين ئي ڪيو هو، جڏهن مون کين قادش‌برنيع مان انهيءَ ملڪ جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. 9هو اِشڪال جي برساتي نهر تائين ويا ۽ انهيءَ ملڪ بابت احوال معلوم ڪيائون. پوءِ اتان واپس اچي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بي‌همت ڪري ڇڏيائون جيڪو کين خداوند ڏنو هو. 10#ڳا 14‏:26‏-35 انهيءَ ڏينهن خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو قسم کڻي چيائين تہ 11’جيئن تہ هنن پوري دل سان منهنجي تابعداري نہ ڪئي آهي، تنهنڪري جيڪي مصر مان نڪري آيا آهن تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هوندي، سو اهو ملڪ نہ ڏسندو جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو. 12پر رڳو يفنہ قنزيءَ جو پٽ ڪالب ۽ نون جو پٽ يشوع ئي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيندا، ڇوجو هنن مون خداوند جي دل وَ جان سان تابعداري ڪئي آهي.‘ 13سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا. 14هاڻي وري اوهين گنهگارن جي نئين پيڙهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اٿيا آهيو، تہ جيئن خداوند بني اسرائيل تي اڃا وڌيڪ ڪاوڙجي. 15اي روبن ۽ جد قبيلي وارؤ! ياد رکو، جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندءُ تہ هو وري بہ پوري قوم کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو ۽ اوهين ئي انهن سڀني جي تباهيءَ جو سبب بڻبئُہ.“
16تڏهن اهي موسيٰ جي ويجھو اچي چوڻ لڳا تہ ”اسين هتي پنهنجي چوپائي مال لاءِ واڙا ۽ ٻارن ٻچن لاءِ شهر ٻڌنداسين. 17پر اسين پاڻ هٿيار ٻڌي، تيار ٿي بني اسرائيل جي اڳيان هلنداسين، جيستائين اسين هنن کي سندن جاءِ تائين نہ پهچايون. تنهن وچ ۾ اسان جا ٻار ٻچا ڪوٽن وارن شهرن ۾ رهندا، جيئن هتي جي رهاڪن کان محفوظ رهن. 18جيستائين بني اسرائيل مان هر هڪ ماڻهو پنهنجو ورثو هٿ نہ ڪندو، تيستائين اسين پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ڪين اينداسين. 19اسين اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين، ڇو تہ اسان جو ورثو اردن درياءَ جي هِن ڀر اوڀر طرف اسان کي ملي چڪو آهي.“
20تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين ائين ڪريو جو خداوند جي آڏو هٿيار ٻڌي جنگ تي وڃو 21۽ اوهين سڀيئي هٿياربند تيستائين اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر موجود رهو، جيستائين خداوند پنهنجي دشمنن کي اتان ڀڄائي نہ ڪڍي، 22پوءِ جڏهن اهو ملڪ خداوند جي آڏو قبضي ٿي وڃي، تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي هتي موٽي اچو. تڏهن اوهين خداوند ۽ بني اسرائيل جي جنگي فرض کان آجا رهندا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف وارو هيءُ ملڪ خداوند جي طرفان اوهان کي ملڪيت ٿي ملندو. 23پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ ياد رکو تہ اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا ۽ يقين ڄاڻو تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي پڪڙائيندو. 24اوهين ڀلي پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ شهر ۽ پنهنجين رڍن ٻڪرين لاءِ واڙا ٺاهيو، پر جيڪو اوهان واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪريو.“
25جد ۽ روبن قبيلي وارن موسيٰ کي چيو تہ ”آقا! اسين توهان جا ٻانها ائين ئي ڪنداسين جيئن اوهين فرمايو ٿا. 26اسان جا ٻار، اسان جون زالون، اسان جو چوپايو مال ۽ اسان جا سمورا جانور هتي جِلعاد جي شهرن ۾ رهندا. 27پر اسان توهان جي ٻانهن مان هر ڪو هٿياربند ماڻهو اوهان اسان جي آقا جي چوڻ موجب اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ جنگ تي ويندو.“
28 # يش 1‏:12‏-15 پوءِ موسيٰ اليعزر ڪاهن، نون جي پٽ يشوع ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي انهن بابت هي حڪم ڏنو تہ 29”جيڪڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن مان هر ڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر جنگ تي هلي تہ جڏهن انهيءَ ملڪ تي اوهان جو قبضو ٿي وڃي، تڏهن اوهين جِلعاد جو علائقو انهن کي ملڪيت ڪري ڏجو. 30پر جيڪڏهن اهي هٿيار ٻڌي اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ هلن، تہ پوءِ انهن کي ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اوهان سان ورثو ملندو.“
31تڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن جواب ڏنو تہ ”جيئن خداوند فرمايو آهي، تيئن ئي اسين توهان جا ٻانها ڪنداسين. 32اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“
33تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جا ملڪ شهرن ۽ ٻهراڙيءَ سميت جد ۽ روبن قبيلن ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا. 34پوءِ جد قبيلي وارن اتي ڪوٽن وارا هي شهر وري تعمير ڪيا: ديبون، عطارات، عروعير، 35عطرات شوفان، يعزير، يُگبها، 36بيت‌نمراہ ۽ بيت‌هارن. هنن پنهنجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ واڙا پڻ ٺاهيا. 37روبن قبيلي وارن هي شهر وري تعمير ڪيا: حشبون، العالي ۽ قريتائم، 38نبو ۽ بعل‌معون ۽ سبماہ. جيڪي شهر وري ٺاهيائون تن جا هنن نوان نالا رکيا. 39منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جِلعاد علائقي تي وڃي قبضو ڪيو ۽ جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون. 40سو موسيٰ جِلعاد جو علائقو منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد کي ڏنو ۽ هو اتي ئي رهڻ لڳا. 41منسيءَ جي اولاد مان يائير چڙهائي ڪري اتي جي ڪجھہ ڳوٺن تي وڃي قبضو ڪيو ۽ انهن جو نالو ”يائير جا ڳوٺ“ رکيائين. 42نوبح چڙهائي ڪري قنات ۽ ان جي آس‌پاس وارن ڳوٺن تي وڃي قبضو ڪيو. هن انهيءَ جو نالو بدلائي پنهنجي نالي جي پٺيان ”نوبح“ رکيو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 32: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in