4
بني قهات
1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 2”اوهين لاوين مان بني قهات جي نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن سڀني مردن جو شمار ڪريو، 3جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق آهن. 4منهنجي ملاقات واري خيمي ۾ مون لاءِ ئي مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ بني قهات جو ڪم آهي. 5جڏهن منزل کڻڻي هجي، تڏهن هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر وڃن، مقدس ترين جاءِ جو پردو لاهي انهيءَ سان عهد واري صندوق کي ڍڪين. 6پوءِ هو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش انهيءَ تي وجھن، انهيءَ جي مٿان خالص آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
7 نذراني جي روٽن واري ميز تي آسماني رنگ جو ڪپڙو وڇائين. انهيءَ تي ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ رکن. ان کان سواءِ انهيءَ تي روٽ بہ هميشہ رکيل هجن. 8هو انهن سڀني شين جي مٿان لال ڳاڙهي رنگ جو ڪپڙو وجھن. پوءِ ان کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي ڇڏين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
9پوءِ هو آسماني رنگ جو ڪپڙو کڻي روشنائي ڏيڻ واري شمعدان، انهيءَ جي مٿان رکڻ وارن ڏيئن، انهن ۾ استعمال ٿيندڙ زيتون جي تيل وارن ٿانون ۽ ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ وارن چمٽن ۽ منگالن مٿان وجھن. 10هو شمعدان کي انهيءَ جي سڀني ٿانون سميت ڊالفن دريائي جانور جي پوش ۾ ويڙهي ڏوليءَ ۾ رکن.
11لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربانگاهہ جي مٿان هو آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهيءَ کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪين، بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن. 12سڀيئي ٿانوَ، جيڪي مقدس جاءِ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪم ٿا اچن سي سڀ کڻي هو هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهين. پوءِ ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي اهي بہ ڏوليءَ ۾ رکن. 13هو ساڙڻ وارين قربانين جي قربانگاهہ مان رک ڪڍي مٿس واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين. 14هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
15جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي. 16هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي سنڀال هيٺ هي شيون آهن: ڏيئن ٻارڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، دستوري اناج جي قرباني ۽ مسح ڪرڻ جو تيل. ان کان علاوہ پوري مقدس خيمي ۽ ان جي سموري سامان جي نظرداري سندس ذميواري آهي.“
17 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 18”اوهين بني قهات جي نسل واري قبيلي کي لاوين منجھان برباد ٿيڻ نہ ڏجو، 19بلڪ جيئن هو جيئرا رهن ۽ انهن شين جي ويجھو اچڻ ڪري مري نہ پون جيڪي رڳو مون لاءِ ئي مخصوص آهن. تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو جو هارون ۽ سندس پٽَ اندر وڃن ۽ انهن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ کڻڻ جي ذميواري ڏين. 20پر بني قهات سامان ڍڪڻ کان اڳ هڪڙي جھٽ لاءِ بہ اندر وڃي مخصوص شين کي نہ ڏسن، تہ جيئن مري نہ پون.“
بني جيرشون ۽ بني مراري
21 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 22”بني جيرشون جي بہ نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن سڀني مردن جو شمار ڪر، 23جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن. 24بني جيرشون جي نسلن جو خدمت ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي: 25هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال ۽ سندس ڍڪ، ٻاهرين غلاف سميت جيڪو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو آهي، سو ۽ خيمي جي در جو پردو کڻن. 26ان سان گڏ هو مقدس خيمي ۽ قربانگاهہ جي چوگرد اڱڻ واري قنات، اڱڻ جي دروازي جو پردو کڻن. اڱڻ واري قنات جا رسا ۽ ان ۾ ڪتب ايندڙ ٻيو سمورو سامان کڻن. ٻيو جيڪو ڪم انهن شين سان ڪيو وڃي سو سڀ بني جيرشون ئي ڪن. 27هو پنهنجي سموري خدمت، سامان کڻڻ جي يا ڪا ٻي، هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ هيٺ ڪندا. جيڪو بار کين کڻڻو هجي سو اوهين هنن جي ذمي مقرر ڪجو. 28مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني جيرشون جي نسلن جي اها خدمت آهي. انهن کي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايت هيٺ ڪم ڪرڻو آهي.
29تون بني مراريءَ جي نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن مردن جو شمار ڪر، 30جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن. 31مون سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ لاءِ هنن جو هي ڪم آهي: مقدس خيمي جا فريم ۽ انهيءَ جا گز، ٿنڀا، پاوا، 32انهيءَ جي چوگرد واري اڱڻ جا ٿنڀا، انهن جا پاوا، ڪليون، رسا، سڀيئي اوزار ۽ اهي سڀ شيون جيڪي انهيءَ سان واسطو رکن ٿيون، سي بني مراري ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي شيون انهن کي کڻڻيون آهن، سي ناليوار انهن جي ذمي ڪيون وڃن. 33مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني مراريءَ جي نسلن کي جيڪا خدمت هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايت هيٺ ڪرڻي آهي سا اها ئي آهي.“
لاوين جي مردمشماري
34-48 خداوند جي حڪم تي عمل ڪندي موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ٽنهي لاوي گھراڻن قهات، جيرشون ۽ مراريءَ جي مردمشماري ڪئي. هنن اها مردمشماري سندن نسلن ۽ اباڻن ڪٽنبن موجب ڪئي ۽ انهن سڀني ماڻهن جو شمار ڪيائون جن جي عمر ٽيهن کان وٺي پنجاهہ سالن تائين هئي ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق هئا. مردمشماريءَ جو تفصيل هي آهي. قهات گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ست سؤ پنجاهہ هو. جيرشون گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ هو. مراري گھراڻي وارن جو تعداد ٽي هزار ٻہ سؤ هو. ٽنهي لاوي گھراڻن جو جملي تعداد اٺ هزار پنج سؤ اسي هو. 49خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ بار کڻڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن سندن شمار ڪيو ويو.