5
خيميگاهہ جي پاڪيزگي
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر انهيءَ ماڻهوءَ جنهن کي چمڙيءَ جي بيماري هجي، جنهن جي جسم اندران ڪجھہ وهي نڪتو هجي ۽ جيڪو مُڙدي کي ڇهڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي #5:2 خيميگاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين ناپاڪ ٿيل ماڻهن جي وري خيميگاهہ ۾ موٽي اچڻ لاءِ سندن غسل ڪرڻ، ڪاهن جو کين پاڪ قرار ڏيڻ ۽ کين قرباني پيش ڪرڻ ضروري هو (ڏسو لاوي سرشتو 5:2-13، 14:1-32 ۽ 15:1-33).خيميگاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين. 3اهو مرد هجي توڙي عورت، پر اوهين کيس خيميگاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ خيميگاهہ کي پليت نہ ڪري، جنهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم سان رهان ٿو.“ 4سو بني اسرائيل خدا جي حڪم جي تعميل ڪندي اهڙن ماڻهن کي خيميگاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
ڏوهہ جو عيوضو
5 #
لاو 6:1-7
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 6”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جڏهن ڪو مرد يا عورت مون خداوند جي حڪم جي خلافورزي ڪندي ڪنهن جو ڪهڙيءَ بہ طرح جو ڪو ڏوهہ ڪري، 7تڏهن اهو پنهنجي ڏوهہ جو اقرار ڪري. هو پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏئي ۽ انهيءَ جو پنجون حصو انهيءَ ۾ وڌيڪ ملائي اهو انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏئي جنهن جو ڏوهہ ڪيو هجيس. 8جيڪڏهن اهو ماڻهو مري ويو هجي ۽ سندس ڪو ويجھو مائٽ بہ نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهو عيوضو مون خداوند لاءِ آهي، جيڪو ڪاهن کي ڏنو وڃي. انهيءَ کان سواءِ ڪفاري جو گھٽو بہ ڪاهن کي قربانيءَ لاءِ ڏنو وڃي. 9بني اسرائيل جيڪي شيون مون لاءِ مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، سي سڀ ڪاهن جون ٿينديون. 10هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ، جيڪا هو ڪاهن کي ڏيندو سا سندس ئي ٿيندي.‘“
زال تي غيرت
11-13پوءِ خداوند بني اسرائيل کي ٻڌائڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايو تہ ”ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي شڪ پوي تہ سندس زال گمراهہ ٿي ساڻس بيوفائي ڪري رهي آهي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان سمهي آهي. پر انهيءَ ڳالهہ جي کيس پڪ نہ آهي، ڇو تہ ٿي سگھي ٿو تہ سندس زال اها ڳالهہ کانئس لڪائي هجي يا انهيءَ ڳالهہ جو ڪو شاهد بہ نہ هجي ۽ نہ وري هوءَ ڏوهہ ڪندي پڪڙي ويئي هجي. 14يا وري ڪنهن مڙس کي غيرت اچي وڃي ۽ هو پنهنجيءَ زال تي شڪ ڪرڻ لڳي تہ هن زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو آهي، جڏهن تہ هن سان ڪوبہ ٻيو ماڻهو نہ سمهيو هجي. 15انهن ٻنهي حالتن ۾ ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. هو پنهنجيءَ زال جي طرفان هڪ ڪلوگرام جوَن جو اٽو بہ نذر طور کڻي اچي. هو انهيءَ اٽي جي مٿان نڪي تيل پئٽي، نڪي لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها غيرت جي واسطي اناج جي قرباني آهي جيڪا گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي. 16پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قربانگاهہ جي ويجھو آڻي مون خداوند جي آڏو بيهاري. 17ڪاهن هڪڙي ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڪ پاڻي کڻي ۽ مقدس خيمي جي فرش تان مٽي کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ وجھي ان کي آزمائڻ وارو پاڻي بڻائي. 18پوءِ ڪاهن مون خداوند آڏو انهيءَ عورت جي مٿي جا وار ڇوڙي ڇڏي ۽ اناج جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جيڪا غيرت جي واسطي گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ اناج جي قرباني آهي. ان بعد ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو آزمائڻ وارو پاڻي کڻي جيڪو لعنت آڻي ٿو. 19پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو تو سان نہ ستو آهي ۽ تون پنهنجي مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت نہ ڪيو آهي تہ شل انهيءَ لعنت کان بچيل رهين، جا هي آزمائڻ وارو پاڻي آڻي ٿو.‘ 20هاڻ ڪاهن عورت تي لعنت لاءِ قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن تون مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو آهي ۽ تنهنجي مڙس کان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو تو سان ستو آهي، 21تہ پوءِ شل خداوند تو کي اوٽينپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي ۽ تنهنجي پنهنجيءَ قوم جا ماڻهو تو تي لعنت ۽ ڦٽڪار وجھن. 22شل هي پاڻي جيڪو لعنت ٿو آڻي تنهنجي پيٽ ۾ وڃي تو کي اوٽينپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي.‘ تڏهن عورت جواب ۾ چوي تہ ’آمين، آمين.‘
23پوءِ ڪاهن اهي لعنتون لکي انهن کي آزمائڻ واري پاڻيءَ ۾ ڌوئي. 24انهيءَ کان اڳ ۾ جو هو اهو پاڻي عورت کي پيئاري ۽ اهو ان جي پيٽ ۾ وڃي سخت تڪليف پيدا ڪري، 25پهريائين ڪاهن انهيءَ عورت جي هٿ مان غيرت واسطي اناج جي قرباني کڻي مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري قربانگاهہ تي آڻي. 26پوءِ هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري کڻي ۽ انهيءَ کي قربانگاهہ تي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. ان بعد هو عورت کي اُهو پاڻي پيئاري ڇڏي. 27جيڪڏهن اها عورت پنهنجي مڙس هوندي زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو هوندو، تہ اهو لعنت آڻيندڙ پاڻي انهيءَ عورت جي پيٽ ۾ سخت تڪليف پيدا ڪندو ۽ هوءَ اوٽينپٽي ٿي پوندي ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو. اهڙيءَ طرح اها عورت پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي بڻجي ويندي. 28پر جيڪڏهن هوءَ بيڏوهي هوندي تہ بچي ويندي ۽ اڳتي ٻارن ڄڻڻ جهڙي رهندي.
29سو غيرت جي معاملي ۾ قانون اهو آهي تہ جڏهن ڪا مڙس واري عورت زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪري 30يا جڏهن ڪنهن مرد کي غيرت اچي وڃي ۽ هو پنهنجيءَ زال جي باري ۾ شڪ ڪرڻ لڳي، تڏهن انهيءَ عورت کي قربانگاهہ جي ويجھو مون خداوند جي آڏو آڻي بيهارجي ۽ ڪاهن اهو سڄو بيان ڪيل قانون عمل ۾ آڻي. 31پوءِ اهو مرد پنهنجيءَ زال تي انهيءَ تهمت ڏيڻ واري ڏوهہ کان آجو رهندو ۽ اها عورت جيڪڏهن ڏوهاري هوندي تہ پنهنجي ڏوهہ جو نتيجو ڀوڳيندي.“