6
ناذيرن لاءِ قانون
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ناذير ٿيڻ يعني پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪرڻ خاطر خاص باس باسي، 3#لو 1:15 تہ پاڻ کي مئي ۽ ٻين نشيدار شين کان پري رکي. هو مئي جو سرڪو يا ٻي نشي واري شيءِ جو سرڪو نہ پيئي. هو نڪي ڪنهن بہ قسم جي انگوري رس پيئي ۽ نہ وري انگور يا ڪشمش کائي. 4جيستائين هو ناذيري بڻيو رهي تيستائين اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي جيڪا انگورن مان ٺهيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.
5هو پنهنجي وقف ٿيڻ واري باس جي ڏينهن ۾ پنهنجي مٿي ۽ منهن تي پاڪي نہ گھمرائي. جيستائين اهي ڏينهن پورا نہ ٿين جن لاءِ هن پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو آهي، تيستائين هو پاڪ رهي ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي. 6جيڪي ڏينهن هو پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري، تن ڏينهن ۾ هو ڪنهن بہ مُڙدي جي ويجھو نہ وڃي. 7توڙي جو هن جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا ڀيڻ مري، تہ بہ هو پاڻ کي موت جي رسمن ۾ ناپاڪ نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند لاءِ #6:7 وقف هجڻ جي نشاني يعني وڌيل وار (ڏسو آيت 7:5).وقف هجڻ جي نشاني سندس مٿي تي آهي. 8وقف هجڻ وارا سڀ ڏينهن هو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.
9جيڪڏهن انهيءَ جي ڀرسان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي ۽ وقف ٿيل مٿي کي ناپاڪ ڪري وجھي، تہ پوءِ هو ستين ڏينهن يعني سندس پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن تي پنهنجو مٿو ڪوڙائي. 10اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي. 11ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ طور هن جي ڪفاري لاءِ پيش ڪري، ڇو تہ مُڙدي جي ڀرسان هجڻ ڪري هن خطا ڪئي آهي. انهيءَ ساڳئي ڏينهن پنهنجو مٿو وري مخصوص ڪندي 12هو وري ناذير ٿيڻ جا ڏينهن مقرر ڪري پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو هڪسالو گھيٽو آڻي. سندس اڳيان ڏينهن هاڻي وقف ٿيل ڏينهن جي حساب ۾ نہ ايندا، ڇو تہ اڳين وقف هجڻ وارن ڏينهن ۾ هو ناپاڪ ٿي پيو هو.
13 #
رس 21:23-24
ناذير جي لاءِ هي قانون آهي تہ جڏهن سندس وقف هجڻ وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن کيس مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي حاضر ڪيو وڃي. 14اُتي هو مون خداوند لاءِ ٽي بيعيب جانور قربانيءَ طور پيش ڪري: هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪسالي گھيٽي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو گھٽو سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ. 15سندن اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ وارين قربانين سميت هي شيون بہ قربانيءَ طور پيش ڪري: بيخميري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بيخميري ٽڪيون.
16پوءِ ڪاهن اهي سڀ مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري ۽ سندس پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ڪري. 17هو بيخميري مانيءَ جي ٽوڪريءَ سان اهو گھٽو سلامتيءَ جي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. هو انهيءَ جي اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪري. 18ناذير مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پنهنجو وقف ٿيل مٿو ڪوڙائي ۽ مٿي جا وار کڻي ان ٻرندڙ باهہ تي رکي جنهن تي سلامتيءَ واري قرباني ساڙي وڃي ٿي. 19مٿو ڪوڙائڻ کان پوءِ ڪاهن انهيءَ گھٽي جي پڪل دستي، ٽوڪريءَ مان هڪڙو بيخميري ڍوڍو ۽ هڪڙي بيخميري ٽڪي ڪڍي ناذير جي هٿن تي رکي. 20تنهن بعد ڪاهن انهن کي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري. اهي هٿن تي بلند ڪيل قربانيءَ واري سيني ۽ پيش ڪيل قربانيءَ جي ران سميت ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهن. تنهن کان پوءِ ناذير کي مئي پيئڻ جي اجازت آهي.
21ناذير ۽ سندس قربانين جي باري ۾ اهو ئي قانون آهي، جنهن تي وقف ٿيڻ جي عرصي پوري ٿيڻ تي عمل ڪرڻو آهي. انهن قربانين کان سواءِ هو اهي قربانيون بہ ضرور پيش ڪري، جن جو هن ناذير جي باس باسڻ وقت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘“
برڪت لاءِ ڪاهنن جي دعا
22 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 23”هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ ’اوهين بني اسرائيل کي برڪت لاءِ هن ريت دعا ڪندا ڪريو تہ
24شال خداوند اوهان کي برڪت ڏئي ۽ اوهان جي حفاظت ڪري،
25شال اوهان تي خداوند جو فضل ۽ مهرباني ٿئي،
26شال خداوند اوهان تي ڪرم جي نگاهہ ڪري
۽ اوهان کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.‘
27اهڙيءَ طرح هو منهنجو نالو وٺي بني اسرائيل لاءِ دعا گھرندا تہ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.“