YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 7

7
سردارن جا نذرانا
1جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين. 2ان ڏينهن تي بني اسرائيل جا اڳواڻ، جيڪي پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا، قبيلن جا سردار ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيل هئا، تن نذرانا آندا. 3انهن پنهنجي نذراني طور ڇهہ ڍَڪيل گاڏيون ۽ ٻارهن ڏاند خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪيا. انهن مان هڪ هڪ ڏاند هر سردار طرفان هو ۽ هڪ هڪ گاڏي ٻن ٻن سردارن طرفان هئي. جڏهن هنن اِهي مقدس خيمي جي اڳيان آڻي حاضر ڪيا، 4تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 5”تون اهي هنن کان وٺ تہ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي خدمت جي ڪم اچن، تون اهي لاوين جي هر هڪ ٽولي کي سندس خدمت مطابق ورهائي ڏي.“
6سو موسيٰ اهي گاڏيون ۽ ڏاند وٺي لاوين کي ڏنا. 7هن ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند بني جيرشون کي 8۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند بني مراريءَ کي سندن خدمت مطابق ڏنا. اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا ويا. 9پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون.
10قربان‌گاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربان‌گاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون. 11خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سردارن کي چئُہ تہ انهن مان هر هڪ سردار هڪ هڪ ڏينهن قربان‌گاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجو نذرانو پيش ڪري.“
12‏-83سو انهن هن ترتيب سان پنهنجا نذرانا پيش ڪيا. پهرئين ڏينهن يهوداہ قبيلي جي سردار نحسون ولد عمينداب نذرانا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن اِسڪار قبيلي جي سردار نٿن‌ايل ولد صوعر نذرانا پيش ڪيا. ٽئين ڏينهن زبولون قبيلي جي سردار الياب ولد حيلون نذرانا پيش ڪيا. چوٿين ڏينهن روبن قبيلي جي سردار اليصور ولد شديور نذرانا پيش ڪيا. پنجين ڏينهن شمعون قبيلي جي سردار شلومي‌ايل ولد صوري‌شدي نذرانا پيش ڪيا. ڇهين ڏينهن جد قبيلي جي سردار الياسف ولد دعو‌ايل نذرانا پيش ڪيا. ستين ڏينهن افرائيم قبيلي جي سردار اليشمع ولد عميهود نذرانا پيش ڪيا. اٺين ڏينهن منسي قبيلي جي سردار جملي‌ايل ولد فداهصور نذرانا پيش ڪيا. نائين ڏينهن بنيامين قبيلي جي سردار ابيدان ولد جِدعوني نذرانا پيش ڪيا. ڏهين ڏينهن دان قبيلي جي سردار احيعزر ولد عميشدي نذرانا پيش ڪيا. يارهين ڏينهن آشر قبيلي جي سردار فجعي‌ايل ولد عڪران نذرانا پيش ڪيا ۽ ٻارهين ڏينهن نفتالي قبيلي جي سرادر احيرع ولد عينان نذرانا پيش ڪيا.
نذرانا سڀني جا هڪجهڙا هئا: هڪڙو چانديءَ جو ٿالهہ جنهن جي تور #7‏:12‏-83 عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام.عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام هئي ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو جنهن جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق ست سؤ گرام هئي. اهي ٻئي اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا. ان کان سواءِ هڪڙو سونو لوبان‌دان جنهن جي تور هڪ سؤ گرام هئي، جيڪو لوبان سان ڀريل هو، ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ هڪڙو هڪسالو گھيٽو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر، سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گھٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج هڪسالا گھيٽا.
84قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ واري ڏينهن تي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن جيڪي نذرانا ڏنا تن جو جوڙ هن ريت آهي: 85ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ هر هڪ جي تور هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام، ٻارهن چانديءَ جا پيالا هر هڪ جي تور ست سؤ گرام. انهن سڀني جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق جملي چوويهہ ڪلوگرام هئي. 86ٻارهن سونا لوبان‌دان هر هڪ جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ سؤ گرام هئي. انهن سڀني جي تور جملي هڪ ڪلوگرام ۽ ٻہ سؤ گرام هئي ۽ اهي لوبان سان ڀريل هئا. 87ٻارهن وهڙا، ٻارهن گھٽا ۽ ٻارهن هڪسالا گھيٽا، اناج جي قربانيءَ سميت ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هئا. ٻارهن ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هئا. 88چوويهہ ڏاند، سٺ گھٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ هڪسالا گھيٽا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ هئا. قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ اهي نذرانا آندا ويا.
89جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس ملاقات واري خيمي ۾ ويو تڏهن عهد واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن مٿان پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن جي وچ مان خداوند کي پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌائين.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 7: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in