8
شمعدان لاءِ ڏيئا
1 #
خر 25:31-40، 37:17-24 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”هارون کي چئُہ تہ ’جڏهن تون شمعدان تي ڏيئا رکين، تہ انهن ستن ئي ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رک جو انهن جي روشني شمعدان جي اڳيان هجي.‘“ 3سو هارون ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو. هن ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رکيو جيئن اهي شمعدان جي سامهون روشني ڪن. 4شمعدان جي بناوت هن طرح هئي جو اهو تري کان وٺي گلن وارين ڏياٽين تائين سڄو سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيو ويو هو. جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو ئي هن شمعدان ٺاهيو.
لاوين جو وقف ٿيڻ
5 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 6”بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري کين پاڪ ڪر. 7کين پاڪ ڪرڻ لاءِ انهن تي پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي ڇٽڪار ۽ کين چئُہ تہ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گھمائين ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئين. اهڙيءَ طرح هو پاڪ ٿي ويندا. 8پوءِ هو هڪڙو گابو ۽ سندس اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين ۽ تون هڪڙو ٻيو گابو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ آڻ. 9تون لاوين کي مون خداوند سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان منهنجي حضور ۾ آڻي بيهار ۽ سڄيءَ قوم کي اتي آڻي گڏ ڪر. 10بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجا هٿ لاوين جي مٿي تي رکن. 11هارون لاوين کي مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي پاران مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين. 12پوءِ لاوي پنهنجا هٿ ٻنهي گابن جي مٿن تي رکن ۽ تون انهن گابن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ منهنجي حضور ۾ لاوين جي ڪفاري واسطي پيش ڪر.
13اهڙيءَ طرح تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان بيهاري مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري 14کين بني اسرائيل مان ڌار ڪر، تہ جيئن اهي منهنجا ٿين. 15ان کان پوءِ ئي اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين. 16مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي بدلي پنهنجي واسطي چونڊيو آهي، سو اهي سڀيئي رڳو منهنجا ئي آهن. 17#خر 13:2 جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا نر، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا هئا. 18پر هاڻ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي کنيو آهي. 19بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تانتہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“
20سو موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم لاوين سان بلڪل ائين ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. 21لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوتائون. پوءِ هارون کين خداوند جي حضور ۾ سندس مخصوص حصي طور پيش ڪيو. هن کين پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ادا ڪيو. 22لاوين سان ائين ئي ڪيو ويو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. تنهن کان پوءِ لاوي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ ۾ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيا.
23 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 24”لاوين جي باري ۾ هي حڪم آهي تہ جن جي عمر پنجويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي سي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهن. 25پر هو جڏهن پنجاهہ سالن جا ٿين تڏهن پنهنجي ڪم کان بس ڪن ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن. 26اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“