1
لوقا 38:6
Sindhi Bible FB
SB
ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“
مقایسه
لوقا 6:38 را جستجو کنید
2
لوقا 45:6
هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“
لوقا 6:45 را جستجو کنید
3
لوقا 35:6
پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي.
لوقا 6:35 را جستجو کنید
4
لوقا 36:6
تنهنڪري مهربان ٿيو، جيئن اوهان جو آسماني پيءُ مهربان آهي.“
لوقا 6:36 را جستجو کنید
5
لوقا 37:6
”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ خدا بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ خدا بہ اوهان کي معاف ڪندو.
لوقا 6:37 را جستجو کنید
6
لوقا 27:6-28
”پر اي منهنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوهان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. جيڪي اوهان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ دعا گھرو.
لوقا 6:27-28 را جستجو کنید
7
لوقا 31:6
جهڙو سلوڪ اوهين ماڻهن کان چاهيو ٿا تهڙو ئي سلوڪ اوهين ٻين سان ڪريو.
لوقا 6:31 را جستجو کنید
8
لوقا 29:6-30
جيڪو اوهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو اوهان جو ڪوٽ کسي وٺي تنهن کي قميص ڏيڻ لاءِ بہ تيار رهو. جيڪو اوهان کان ڪجھہ گھري تنهن کي ڏيو. جيڪو اوهان جو مال کسي وٺي تنهن کان موٽائي نہ گھرو.
لوقا 6:29-30 را جستجو کنید
9
لوقا 43:6
”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو.
لوقا 6:43 را جستجو کنید
10
لوقا 44:6
سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آهي، ڇو تہ ماڻهو ڪَنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن.
لوقا 6:44 را جستجو کنید