1
متي 16:10
Sindhi Bible FB
SB
”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بيضرر ٿجو.
مقایسه
متي 10:16 را جستجو کنید
2
متي 39:10
ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو سو اها حاصل ڪندو.“
متي 10:39 را جستجو کنید
3
متي 28:10
ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.
متي 10:28 را جستجو کنید
4
متي 38:10
جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي، سو منهنجي لائق نہ آهي.
متي 10:38 را جستجو کنید
5
متي 32:10-33
”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس. پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“
متي 10:32-33 را جستجو کنید
6
متي 8:10
بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.
متي 10:8 را جستجو کنید
7
متي 30:10-31
جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
متي 10:30-31 را جستجو کنید
8
متي 34:10
”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. منهنجي ڪري صلح نہ ٿيندو، اٽلندو تلوار هلندي.
متي 10:34 را جستجو کنید