1
رومين 23:6
Sindhi Bible FB
SB
بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.
مقایسه
رومين 6:23 را جستجو کنید
2
رومين 14:6
سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو.
رومين 6:14 را جستجو کنید
3
رومين 4:6
تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پيءُ جي عظمت واري قدرت سان مئلن مان جيئرو ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر زندگي گذاريون.
رومين 6:4 را جستجو کنید
4
رومين 13:6
پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.
رومين 6:13 را جستجو کنید
5
رومين 6:6
سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،
رومين 6:6 را جستجو کنید
6
رومين 11:6
اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهين پنهنجي زندگي خدا لاءِ مخصوص سمجھو.
رومين 6:11 را جستجو کنید
7
رومين 1:6-2
تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ گناهہ ڪندا رهون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟ نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي گناهہ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن گناهہ واري زندگي گذاري ٿا سگھون؟
رومين 6:1-2 را جستجو کنید
8
رومين 16:6
ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.
رومين 6:16 را جستجو کنید
9
رومين 17:6-18
حقيقت ۾ اوهين اڳي گناهہ جا غلام هئا، پر خدا جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل تعليم تي هلندي دل وَ جان سان ان جي تابع ٿيا آهيو. هائو، اوهين گناهہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو.
رومين 6:17-18 را جستجو کنید