1
رومين 25:7
Sindhi Bible FB
SB
انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان خدا جي شريعت جي تابع آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا گناهہ جي حڪم جي تابع آهي.
مقایسه
رومين 7:25 را جستجو کنید
2
رومين 18:7
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي.
رومين 7:18 را جستجو کنید
3
رومين 19:7
هائو، آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اهي ڪريان ٿو.
رومين 7:19 را جستجو کنید
4
رومين 20:7
هاڻي جڏهن آءٌ اهڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ اهي ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو گناهہ ئي آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي.
رومين 7:20 را جستجو کنید
5
رومين 21:7-22
تنهنڪري مون ۾ هڪ اهڙو حڪم ڪم ڪندي نظر اچي ٿو جو آءٌ جڏهن چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انهن جي بدران بڇڙا ڪم ٿيو پون. منهنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آهي،
رومين 7:21-22 را جستجو کنید
6
رومين 16:7
جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت چڱي آهي.
رومين 7:16 را جستجو کنید