11
1 #
1.ڪر 4:16، فلپ 3:17 اوهين منهنجي نقشِقدم تي هلو، جهڙي نموني آءٌ مسيح جي نقشِقدم تي هلان ٿو.
عبادت ۾ مٿو ڍڪڻ يا نہ ڍڪڻ بابت روايت
2آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو.
3هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي. 4جيڪو مرد پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو پيغام ٿو ٻڌائي، سو پنهنجي مٿي جي بيحرمتي ٿو ڪري. 5جيڪا عورت مٿي اگھاڙي دعا ٿي گھري يا خدا جو پيغام ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جي بيحرمتي ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي. 6جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجو مٿو نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪنهن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جهڙي ڳالهہ آهي، تہ پوءِ پنهنجو مٿو چادر سان ڍڪي. 7#پيد 1:26-27 مرد کي پنهنجو مٿو نہ ڍڪڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي صورت ۽ شان آهي، جڏهن تہ عورت مرد جو شان آهي. 8#پيد 2:18-23 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو شروع ۾ مرد عورت مان نہ، پر عورت مرد مان ٺاهي ويئي هئي، 9ڇاڪاڻ تہ مرد عورت لاءِ نہ، پر عورت مرد لاءِ خلقي ويئي. 10سو عورت کي گھرجي تہ هوءَ ملائڪن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو مٿو ڍڪي، جيڪو سندس اختياريءَ جو نشان آهي. 11تنهن هوندي بہ خداوند عيسيٰ ۾ نہ عورت مرد کان سواءِ آهي، نڪي مرد عورت کان سواءِ، 12ڇاڪاڻ تہ جيئن عورت مرد مان ٺاهي ويئي آهي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آهي. پر سڀني شين جو ٺاهيندڙ خدا آهي.
13اوهين پاڻ ئي فيصلو ڪريو تہ ڇا اهو مناسب آهي جو خدا جي آڏو عورت اگھاڙي مٿي سان دعا گھري؟ 14ڇا فطرت خود اوهان کي اهو نہ ٿي سيکاري تہ مرد لاءِ ڊگھا وار رکڻ بيعزتيءَ جي ڳالهہ آهي، 15جڏهن تہ عورت لاءِ ڊگھا وار سندس عزت آهن؟ ڇاڪاڻ تہ اهي وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آهن. 16جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“
خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري ماني
(متي 26:26-29، مرقس 14:22-25، لوقا 22:14-20)
17هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي. 18اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آءٌ ٿورو گھڻو يقين بہ ڪريان ٿو تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ ڌڙابندي نظر اچي ٿي 19۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ تفرقا بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن. 20پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ #11:20 گڏجو ٿا ... کائو ٿا هتي ۽ 11:33 ۾ گڏجي ماني کائڻ وقت ايمان وارا گھڻو ڪري خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري ماني بہ ڀڃي کائيندا هئا. ڏسو لوقا 22:19-20. گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري مانيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي. 21هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي ماني کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو. 22ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.
23جيڪا ڳالهہ مون کي خداوند عيسيٰ کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن ماني کڻي 24شڪر ڪري اها ڀڳي ۽ چيائين تہ ”هي منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان جي واسطي آهي. منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ 25#خر 24:6-8، ير 31:31-34 اهڙيءَ طرح هن ماني کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“ 26مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ ماني کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين خداوند عيسيٰ جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي.
27تنهنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند عيسيٰ جي ماني کائيندو ۽ سندس پيالو پيئندو، سو خداوند عيسيٰ جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ سندس گنهگار قرار ڏنو ويندو. 28تنهنڪري پهريائين هر ڪو ماڻهو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي. 29ياد رکو، جيڪو شخص اها ماني کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت خداوند عيسيٰ جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي. 30انهيءَ ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا تہ قبر ۾ وڃي ستا آهن. 31جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ کي جاچيون ها تہ اسين گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون ها. 32پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.
33تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ هڪٻئي لاءِ ترسو. 34جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس.