1.ڪرنٿين 4

4
رسولن سان سلوڪ
1سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي. 2هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ديانتدار هجي. 3سو منهنجي لاءِ اها ڳالهہ خسيس آهي جو اوهين يا ڪا انساني ڪورٽ منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آءٌ پاڻ بہ پنهنجي جاچ نہ ٿو ڪريان، 4ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود خداوند عيسيٰ آهي. 5تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.
6اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون هنن ڳالهين ۾ اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين اسان تي غور ڪندي هن چوڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آهي، تنهن کان ٻاهر نہ وڃو.“ پوءِ اوهان مان ڪو ٻٽاڪون هڻندي هڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي مخالفت نہ ڪندو. 7تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي خدا کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي خدا کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟
8واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي بادشاهي ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ بادشاهي ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون ها. 9اٽلندو منهنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي فرشتن لاءِ، بلڪ سڄي دنيا لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون. 10اسين تہ مسيح جي خاطر بي‌وقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بي‌عزت ٿا ليکجون. 11اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ بدن تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون. 12#رس 18‏:3 اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين کين دعائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون. 13جڏهن هو اسان کي گھٽ وڌ ڳالهائين ٿا تہ اسين نرميءَ سان منٿون ڪندي ساڻن ڳالهايون ٿا. هن وقت تائين اسين دنيا جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻُهر پيا ليکجون.
پيءُ جي حيثيت ۾ پولس رسول جي نصيحت
14آءٌ هي ڳالهيون اوهان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنهنجا پيارا ٻار سمجھي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان. 15جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار نگهبان بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پيئر گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پيءُ بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وسيلي اوهين عيسيٰ مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا. 16#1.ڪر 11‏:1، فلپ 3‏:17 تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙي زندگي گذاريو. 17انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.
18اوهان مان ڪي اهو سمجھي مغرور ٿي ويا آهن، جو ڄڻ تہ آءٌ اوهان وٽ وري ڪڏهن ڪونہ ايندس. 19پر جيڪڏهن خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوهان وٽ ايندس ۽ مغرورن جي ڳالهين کي نہ، پر انهن ۾ پاڪ روح جي قدرت کي معلوم ڪندس، 20ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي ڳالهين تي نہ، پر قدرت تي مدار رکي ٿي. 21اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟

اکنون انتخاب شده:

1.ڪرنٿين 4: SB

های‌لایت

کپی

مقایسه

به اشتراک گذاشتن

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید