9
حق ڇڏڻ بابت پولس جو پنهنجو مثال ڏيڻ
1ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آهيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو خداوند آهي؟ ڇا اوهين خداوند جي لاءِ منهنجي خدمت جو نتيجو نہ آهيو؟ 2جيڪڏهن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ رسول آهيان. منهنجي رسالت جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين خداوند ۾ آهيو.
3جن کي مون تي اعتراض آهي، تن لاءِ منهنجو جواب هي آهي تہ 4ڇا منهنجو ۽ برنباس جو اهو حق نہ آهي تہ خدمت جي بدلي ۾ اسان کي کارايو پيئاريو وڃي؟ 5ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو همايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟ 6ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟ 7ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟
8ڇا اهي ڳالهيون آءٌ رڳو انساني سوچ موجب چوان ٿو؟ ڇا شريعت بہ ائين نہ ٿي چوي؟ 9#شر 25:4، 1.تيم 5:18 هائو، موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آهي؟ 10يا هو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ هائو، اهو اسان جي لاءِ لکيو ويو آهي. ڏسو، هر ڪاهڻ وارو اها اميد رکي هر ڪاهي ٿو تہ کيس ڪجھہ ملندو ۽ اَنُ ڳاهڻ وارو اها اميد رکي اَنُ ڳاهي ٿو تہ کيس پوک مان حصو ملندو. 11#رو 15:27 جيڪڏهن اسان اوهان ۾ روحاني شيون پوکيون آهن، تہ پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا جو اوهان مان اسين دنياوي شيون لڻون؟ 12جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون.
13 #
شر 18:1
اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربانگاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟ 14#مت 10:10، لو 10:7 ساڳيءَ طرح خداوند عيسيٰ بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي. 15پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي. 16پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ منادي ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي. 17جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان منادي ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي اجوري جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي، 18تہ پوءِ منهنجو اجورو ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جي مفت منادي ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي منادي ڪرڻ سان حاصل آهي.
19جيتوڻيڪ آءٌ هڪ آزاد ماڻهو آهيان ۽ ڪنهن جو بہ غلام نہ آهيان، تنهن هوندي بہ مون پاڻ کي هر ڪنهن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تہ جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو هٿ ڪريان. 20يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين هئس. 21غير قومون جيڪي شريعت کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ خدا جي شريعت کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي شريعت جو پابند هئس. 22ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان. 23اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي برڪتن ۾ حصيدار ٿيان.
24ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو. 25هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ. 26تنهنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان، نڪي آءٌ هوا ۾ مڪون ٿو هڻان، 27بلڪ آءٌ جسماني خواهشن کي ماري پنهنجي بدن کي پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين ۾ تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.