1.ڪرنٿين ‮تعارف‬

تعارف
ڪرنٿين نالي هي پهريون خط پولس رسول انهيءَ ڪليسيا ڏانهن لکيو هو جيڪا هن پنهنجي ٻئي تبليغي سفر دوران رومي شهنشاهت جي صوبي اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ قائم ڪئي هئي (رسولن جا ڪم 18‏:1‏-18). پولس رسول ڪرنٿين ڏانهن هي خط انهيءَ لاءِ لکيو هو تہ عيسيٰ مسيح جا هئڻ ڪري سندن ڪليسيا ۾ نئين زندگيءَ ۽ ايمان متعلق پيدا ٿي پيل مسئلن کي سُلجھايو وڃي. ان وقت ڪرنٿس هڪ وڏو يوناني شهر هو ۽ رومي شهنشاهت جي صوبي اخيا جي گاديءَ جو هنڌ پڻ هو. اهو پنهنجي وڌندڙ واپار، فخر لائق ثقافت ۽ مختلف مذهبن جي ڪري مشهور هو. پر هنڌ هنڌ ڦهليل بدڪاريءَ جي ڪري اهو بدنام بہ هو.
پولس رسول کي خاص ڳڻتيون هنن مسئلن جون هيون، جهڙوڪ: ڪليسيا ۾ ڌڙابندي ۽ منجھس ڪي بدڪاريءَ جا واقعا، پرڻيل ۽ اڻ‌پرڻيل ماڻهن بابت مسئلا، کائڻ پيئڻ بابت ضمير جون ڳالهيون، عبادت بابت هدايتون، پاڪ روح جي نعمتن ۽ عيسيٰ مسيح جي پوئلڳن جي وري جيئري ٿي اٿڻ بابت سوال. هو پنهنجي گَهري ڄاڻ وسيلي سمجھائي ٿو تہ نئين زندگيءَ جي خوشخبري ڪيئن انهن مسئلن کي منهن ڏئي ٿي.
هن پاڪ خط جو تيرهون باب تمام گھڻو مشهور آهي، جيڪو ڪليسيا جي سڌاري لاءِ خدا جي ڏنل نعمتن کان وڌيڪ محبت کي بهترين رستي طور پيش ڪري ٿو.
سِٽاءُ
تعارف 1‏:1‏-9
ڪليسيا ۾ ڌڙابندي 1‏:10‏–4‏:21
جنسي اخلاقيات ۽ پرڻيل توڙي اڻ‌پرڻيل ماڻهن جي زندگي گذارڻ بابت هدايتون 5‏:1‏–7‏:40
مسيح جي پوئلڳن جو بت‌پرستن منجھہ رهڻ 8‏:1‏–11‏:1
ڪليسيائي زندگي ۽ عبادت 11‏:2‏–14‏:40
خداوند عيسيٰ ۽ مٿس ايمان رکندڙن جي وري جيئري ٿيڻ بابت 15‏:1‏-58
يروشلم جي ڪليسيا لاءِ چندو 16‏:1‏-4
شخصي معاملا ۽ دعا سلام 16‏:5‏-24

اکنون انتخاب شده:

1.ڪرنٿين ‮تعارف‬: SB

های‌لایت

کپی

مقایسه

به اشتراک گذاشتن

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید