پيدائش 10

10
نوح جي پٽن جو اولاد
(1.تواريخ 1‏:5‏-23)
1 نوح جي پٽن سِم، حام ۽ يافت جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا.
2يافت جي پٽن جا نالا هئا: جُمر، ماجوج، مادئي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس. 3جُمر جي پٽن جا نالا هئا: اشڪناز، ريفت ۽ تُجرماہ. 4ياوان جي پٽن جا نالا هئا: اِلِيشاہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني. 5جيڪي قومون سمنڊ جي ڪناري ۽ ٻيٽن تي رهنديون هيون سي يافت جو اهو اولاد آهن جيڪي مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.
6حام جي پٽن جا نالا هئا: ڪُوش، مصر، لبيا ۽ ڪنعان. 7ڪُوش جي پٽن جا نالا هئا: صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ. رعمہ جي پٽن جا نالا هئا: شبا ۽ ددان. 8ڪُوش کي نمرود نالي پٽ ڄائو جيڪو دنيا ۾ پهريون زبردست پهلوان هو. 9سڄي خدائيءَ ۾ هو هڪ وڏو شڪاري هو. اهو ئي سبب آهي جو اها چوڻي ٿي ويئي تہ ”سڄي خدائيءَ ۾ نمرود جهڙو وڏو شڪاري.“ 10هن جي بادشاهت جي شروعات بابل، ارڪ ۽ اڪاد شهرن مان ٿي، اهي ٽيئي شهر شِنعار علائقي ۾ آهن. 11انهيءَ علائقي مان نڪري هو اشور ۾ آيو ۽ اتي نينواہ، رحوبوت‌عير ۽ ڪلح شهر ٻڌائين. 12هن رسن شهر بہ ٻڌو جيڪو نينواہ ۽ ڪلح جي وچ ۾ وڏو شهر هو.
13مصر جا پٽ جن جي نالن پٺيان قومون بڻيون سي هي هئا: لودي، عنامي، لهابي ۽ نفتوحي، 14فتروسي، ڪسلوحي ۽ ڪريتي. فلستيءَ وارا ڪريتي جو اولاد هئا.
15ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت. 16ڪنعان هنن قبيلن جو پڻ وڏو هو: يبوسي، اموري، جِرجاشي، 17حِوي، عرقي، سيني، 18اروادي، صماري ۽ حماتي. ان کان پوءِ ڪنعاني قبيلو پکڙجي ويو. 19ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين. 20سو حام جو اولاد اهو آهي جيڪو مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ آهي ۽ هر ڪنهن جي ٻولي پنهنجي پنهنجي آهي.
21يافت جو وڏو ڀاءُ سِم سڀني عبرانين جو وڏو هو. 22سِم جي پٽن جا نالا هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود ۽ ارام. 23ارام جي پٽن جا نالا هي هئا: عُوض، حول، جتر ۽ مسڪ. 24ارفڪسد کي سِلح نالي پٽ ڄائو ۽ سِلح کي عبر نالي پٽ ڄائو. 25عبر کي ٻہ پٽ ڄاوا، هڪڙي جو نالو #10‏:25 فلج هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ورهاڱو.“فلج رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ ان جي ڏينهن ۾ دنيا جا ماڻهو ورهائجي ويا هئا ۽ ٻئي جو نالو يقطان هو. 26يقطان کي هي سڀ پٽ ڄاوا: الموداد، سلف، حصارماوت، يرح، 27هدورام، اُوزال، دقلہ، 28عوبال، ابي‌مائيل، شبا، 29اوفِر، حويلاہ ۽ يوباب. 30جنهن ملڪ ۾ هو رهندا هئا سو ميسا کان سفار جي رستي اوڀر طرف جابلو علائقي تائين هو. 31سو سِم جو اولاد اهو آهي جيڪو مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ آهي ۽ هر ڪنهن جي ٻولي پنهنجي پنهنجي آهي.
32اهي سڀ قومون پنهنجن قبيلن ۽ نسلن موجب نوح جو اولاد آهن. ٻوڏ کان پوءِ انهن جو ئي نسل سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو.

اکنون انتخاب شده:

پيدائش 10: SB

های‌لایت

به اشتراک گذاشتن

مقایسه

کپی

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید